حوثي امن ڳالهين طرف اچن، سعودي عرب ۽ باب المندب خلاف قدم قبول ڪرڻ جوڳا ناهن: فرانس

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ فرانس جي نمائندي حوثين تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ ختم ڪندي امن ڳالهين طرف اچن، سعودي عرب ۽ باب المندب خلاف قدم قبول ڪرڻ جوڳا ناهن. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته فوجي رستو ڪو به آپشن ناهي، هٿيارن ذريعي هڪ جائز حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ به اهڙو آپشن ناهي جنهن کي قبول …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن ۾ فرانس جي نمائندي حوثين تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ ختم ڪندي امن ڳالهين طرف اچن، سعودي عرب ۽ باب المندب خلاف قدم قبول ڪرڻ جوڳا ناهن. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا کي انٽرويو ۾ هن چيو ته فوجي رستو ڪو به آپشن ناهي، هٿيارن ذريعي هڪ جائز حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ به اهڙو آپشن ناهي جنهن کي قبول ڪري سگهجي. حوثين کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو ڇڪتاڻ کي ختم ڪن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خاص نمائندي سان امن ڳالهين ۽ قومي مفاهمت جي عمل ۾ سنجيدگي سان شامل ٿين. هن نار ۾ جاري ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته آبناءِ هرمز تي وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود ايران سان سفارتڪاري  جاري رهڻ گهرجي. لبنان جي حوالي سان هن چيو ته فرانس اتي گڏيل قومن جي عارضي فورس جي مينڊيٽ جي 31 ڊسمبر تي مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جي متبادل انتظام جي جوڙجڪ ۾ به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن سعودي عرب کي خطي ۾ فرانس  جو اهم شراڪتدار قرار ڏيندي چيو ته اسرائيل فلسطين تڪرار، لبنان ۽ آبناءِ هرمز سميت مختلف معاملن ۾ سعودي عرب اهم شراڪتدار آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701سال 2006ع ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ منظور ڪئي وئي هئي. ان ۾ ڏکڻ لبنان تي مڪمل خودمختياري، هٿياربند گروهن کي غير هٿيار ڪرڻ ۽ سرحد تائين لبنان جي فوج جي موجودگي سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي عارضي فورس جي مقرري جو مطالبو به ڪيو ويو هو. 

مزید خبریں