شام جي شهر حلب ويجهو هٿيارن جي ڊپو ۾ ڌماڪا

دمشق- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) شام جي اترئين صوبي حلب جي ڏکڻ ڀرپاسي ۾ سومر تي صبح جو هڪ هٿيارن جي ڊپو ۾ شديد ڌماڪا ٿيا آهن. جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڌماڪا حلب جي ڏکڻ ڀرپاسي ۾ واقع شهر العيس جي ويجهو ٿيا، جتي مقامي ذريعن مطابق شامي دفاع واري وزارت سان سلهاڙيل هڪ هٿيارن …

دمشق- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) شام جي اترئين صوبي حلب جي ڏکڻ ڀرپاسي ۾ سومر تي صبح جو هڪ هٿيارن جي ڊپو ۾ شديد ڌماڪا ٿيا آهن. جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڌماڪا حلب جي ڏکڻ ڀرپاسي ۾ واقع شهر العيس جي ويجهو ٿيا، جتي مقامي ذريعن مطابق شامي دفاع واري وزارت سان سلهاڙيل هڪ هٿيارن جو ڊپو موجود آهي. جڏهن ته ڪجهه ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو اسرائيلي هوائي حملن جو نتيجو هو ۽ جنهن هٿيارن جي ڊپو کي نشانو بڻايو، اتي فوجي هٿيار ذخيرو ڪيا ويندا هئا.