اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو واحد رستو صرف ڳالهيون آهن: لبنان

بيروت- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان چيو آهي ته سندس علائقي تي اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه لبنان جي پرڏيهي وزير يوسف رجي سڌ سماءَ وارن ذريعن کي انٽرويو دوران ٻڌائي. هن چيو ته لبنان ڳالهين ذريعي بيروت ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ حملا روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ڳالهين جو اهو …

بيروت- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان چيو آهي ته سندس علائقي تي اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو ڳالهين کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه لبنان جي پرڏيهي وزير يوسف رجي سڌ سماءَ وارن ذريعن کي انٽرويو دوران ٻڌائي. هن چيو ته لبنان ڳالهين ذريعي بيروت ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ حملا روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ڳالهين جو اهو رستو ڊگهو ۽ منجهيل آهي پر ان جو ملڪ پنهنجي مڪمل خودمختياري جي بحالي تائين ان تي گامزن رهندو. هن چيو ته فوجي حل ڏکڻ لبنان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ان جي رهواسين کي بي گهر ڪيو ويو آهي پر لبنان اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۽ لبناني ڌرتي کي واپس حاصل ڪرڻ جي رستي طور ڳالهين جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي. هٿيارن کي رياست وٽ محدود ڪرڻ واري معاملي تي هن چيو ته رياست جي هٿ ۾ هٿيارن جي اجاره داري جو فيصلو اسرائيل سان ڳالهين بابت ڪو به تعلق نٿو رکي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هٿيارن جي اجاره داري هڪ لبناني مطالبو آهي ۽ ڪا به رياست مليشيا سان گڏ زنده نٿي رهي. لبنان جي پرڏيهي وزير چيو ته گهرو ويڙهه لبنانين جي رت ۾ ناهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو گهرو ويڙهه کي هوا ڏئي رهيا آهن اهي لبنان جي رياست کي پنهنجي خودمختياري کي مستحڪم ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته لبنان ايران سميت سمورن ملڪن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.