واشنگٽن- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ميٽا جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هزارين صارفين کي سروسز ۾ وڏي پئماني تي رڪاوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيس بڪ ۽ انسٽاگرام آچر جي رات کان سومر جي صبح تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي معطل رهي جنهن سبب هزارين صارفين پاران پليٽ فارمز تائين پهچ ۽ ڪجهه …
ڪيترن ئي ملڪن ۾ فيسڪ بڪ ۽ انسٽاگرام سروس ۾ رڪاوٽون
واشنگٽن- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ميٽا جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هزارين صارفين کي سروسز ۾ وڏي پئماني تي رڪاوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيس بڪ ۽ انسٽاگرام آچر جي رات کان سومر جي صبح تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي معطل رهي جنهن سبب هزارين صارفين پاران پليٽ فارمز تائين پهچ ۽ ڪجهه سروسز جي استعمال ۾ ڏکيائين جا اطلاع آهن. آئوٽيج ٽريڪنگ ويب سائيٽ ڊائون ڊٽيڪٽر مطابق آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس جي حوالي سان شڪايتون مليون آهن. ڊائون ڊٽيڪٽر تي فيس بڪ جي حوالي سان 17000 کان وڌيڪ ۽ انسٽاگرام جي حوالي سان 5000 کان وڌيڪ مسئلن جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.











