آئيچي/ناگويا- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) 20 هين ايشين گيمز جي مڪسڊ مارشل آرٽس (ايم ايم اي) ايونٽ ۾ پاڪستان جي ناليواري فائٽر عاصم خان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي، مينز ماڊرن 60 ڪلوگرام کيٽگري جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڪوارٽر فائنل مقابلو ڪمبوڊيا جي رانديگر سان ٿيو، جتي پاڪستاني ايٿليٽ شروع کان ئي جارحاڻي ۽ فني حڪمت عملي اختيار ڪئي. عاصم خان پنهنجي مخالف کي آئوٽ …
ايشين گيمز 2026ع: پاڪستان جو عاصم خان مڪسڊ مارشل آرٽس ۾ سيمي فائنل ۾ داخل
آئيچي/ناگويا- 20 سيپٽمبر (اي پي پي) 20 هين ايشين گيمز جي مڪسڊ مارشل آرٽس (ايم ايم اي) ايونٽ ۾ پاڪستان جي ناليواري فائٽر عاصم خان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي، مينز ماڊرن 60 ڪلوگرام کيٽگري جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڪوارٽر فائنل مقابلو ڪمبوڊيا جي رانديگر سان ٿيو، جتي پاڪستاني ايٿليٽ شروع کان ئي جارحاڻي ۽ فني حڪمت عملي اختيار ڪئي. عاصم خان پنهنجي مخالف کي آئوٽ ڪلاس ڪندي فتح پنهنجي نالي ڪئي ۽ مقابلي جي ايندڙ مرحلي تائين پهچ حاصل ڪري ورتي. ان ڪاميابي سان ئي عاصم خان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، جنهن بعد ايونٽ ۾ پاڪستان لاءِ تمغي جون اميدون وڌيڪ روشن ٿي ويون آهن.












