اسلام آباد - 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مستحق ۽ ڪمزور شهرين کي ريليف جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن علائقن ۾ پيٽرول پمپس جي لاءِ متبادل انتظام ڪيا وڃن جتي انٽرنيٽ جي سهولت محدود يا دستياب نه آهي. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ فيول سبسڊي بابت نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مستحق ۽ ڪمزور شهرين کي ريليف جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن علائقن ۾ پيٽرول پمپس جي لاءِ متبادل انتظام ڪيا وڃن جتي انٽرنيٽ جي سهولت محدود يا دستياب نه آهي. جمعي ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ فيول سبسڊي بابت نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اسڪيم جي شروعات جي پهرين 48 ڪلاڪن دوران عوام پاران ملندڙ راءِ جي روشني ۾ وڌيڪ قدمن تي پڻ غور ڪيو ويو. شهرين جي راءِ کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽرسائيڪلن، ٿري وهيلرز ۽ رڪشائن جي لاءِ ٻن قدمن جي منظوري ڏني آهي، هڪ ڀيري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ليٽر ٻارڻ خريد ڪرڻ جي شرط ختم ڪئي وئي آهي. هاڻي مستحقين کي هفتيوار 500 رپين جو ٽوڪن ملندو، جنهن کي ڪنهن به مقدار ۾ ٻارڻ خريد جي لاءِ استعمال ڪري سگهبو. ان قدم سان گهٽ مقدار ۾ ٻارڻ خريد ڪندڙ شهري به اسڪيم مان فائدو کڻي سگهندا. ٻن ۽ ٽن ڦيٿن واري گاڏين جي لاءِ اهليت جي عمر جي حد 15 سال مان وڌائي 20 سال ڪئي وئي آهي. 800 سي سي تائين جي چار ڦيٿن واري گاڏين جي لاءِ موجوده طريقيڪار ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. انهن گاڏين جي لاءِ هر 10 ڏينهن کانپوءِ 10 ليٽر جو هڪ ٽوڪن جاري ٿيندو، جيڪو ماهوار ٽن ٽوڪن جي برابر آهي. 500 رپين جي ٽوڪن جي مڪمل رقم صارف کي فراهم ڪئي ويندي ۽ پيٽرول پمپس پاران ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي يا سروس چارج وصول نه ڪيو ويندو. ڪميٽي رجسٽريشن، ٽوڪن جي استعمال ۽ پيٽرول پمپس کي ادائيگين جي تڪميل ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته ادائيگين جي صورتحال بابت رپورٽس روزانو ٻه ڀيرا، صبح 11 وڳي ۽ شام 7 وڳي فراهم ڪئي وڃي. ڪنهن به رد ٿيل ٽرانزيڪشن جي نشاندهي ان جي مخصوص سبب سان گڏ ڪئي وڃي ۽ ان کي بنا دير درست ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته اهڙن علائقن ۾ پيٽرول پمپس جي لاءِ متبادل انتظام ڪيا وڃن جتي انٽرنيٽ جي سهولت محدود يا دستياب نه آهي، جن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ ٻيا ڏورانهن ڳوٺاڻا علائقا شامل آهن. اجلاس ۾ پيٽروليم، اقتصادي معاملن، اطلاعات ۽ نشريات ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وفاقي وزيرن، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي گورنر، اوگرا چيئرمين، پيٽروليم واري سيڪريٽري، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










