اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي ۾ شهرين جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو …
صدر پاران ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي ۾ شهرين جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ پراڻي پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي ۾ شهرين جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فتنه الخوارج ۽ پرڏيهي مدد سان سرگرم دهشتگردن جو مڪمل خاتمو قومي سلامتي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.












