هيگز ويلنٽ ويڪسين طرف منتقلي پاڪستان جي معمول جي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ بين الاداره جاتي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معمول جي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام ۾ هيگز ويلنٽ ويڪسين متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل صوبائي عملدارن سان مشاورت ۽ گاوي سان اتفاق راءِ کانپوءِ هيگز ويلنٽ ويڪسين کي قومي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري …

اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ بين الاداره جاتي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معمول جي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام ۾ هيگز ويلنٽ ويڪسين متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ لاڳاپيل صوبائي عملدارن سان مشاورت ۽ گاوي سان اتفاق راءِ کانپوءِ هيگز ويلنٽ ويڪسين کي قومي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي وفاقي وزير مصطفيق ڪمال چيو ته هيگز ويلنٽ ويڪسين طرف منتقلي پاڪستان جي معمول جي حفاظتي ٽڪن واري پروگرام لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته گذريل 14 مهينن کان گاوي ۽ ٻين عالمي حصيدارن سان هيگز ويلنٽ ويڪسين تائين رسائي لاءِ مسلسل ڪوششون جاري هيون. هيگز ويلنٽ ويڪسين سان ٻارن کي 6 بيمارين کان تحفظ فراهم ٿيندو جڏهن ته ٻارن کي گهٽ انجيڪشنون لڳنديون، جنهن سان کين تڪليف گهٽ ٿيندي ۽ والدين جي اعتماد ۽ تعاون ۾ به بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته هيگز ويلنٽ ويڪسين جي شموليت سان حفاظتي ٽڪن وارو نظام موثر ٿيندو ۽ ويڪسين جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. مصطفيٰ ڪمال گاوي گلوبل فنڊ، صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، گيٽس فائونڊيشن ۽ ٻين حصيدارن جي سهڪار تي ٿورو مڃيو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل شيڊول موجب ٻارن کي هيگز ويلنٽ ويڪسين 6، 10، ۽ 14 هفتن جي عمر ۾ ڏني ويندي، بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيگز ويلنٽ ويڪسين طرف منتقلي جي نيشنل اميونائيزيشن ٽيڪنيڪل ايڊوائيزري گروپ طرفان به توثيق ڪئي وئي آهي. يونيسيف، گاوي، صحت واري عالمي اداري هيگز ويلنٽ ويڪسين جي منتقلي لاءِ صحت واري وفاقي وزير جي عزم ۽ قيادت کي ساراهيو.

مزید خبریں