اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اربع ڏينهن ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور کي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ۽ 15 سيپٽمبر 2026ع تي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون (اي اي زي) ۾ ڀارتي بحريه جي هڪ جهاز جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ ناقابل قبول ڪارروائي تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب جڏهن پاڪ بحريه پنهنجي ٻه سالا …
ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور جي پرڏيهي آفيس طلبي، پاڪستان جو پنهنجي خصوصي اقتصادي زون ۾ ڀارتي سامونڊي جهاز جي اشتعال انگيزي تي شديد احتجاج

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اربع ڏينهن ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ناظم الامور کي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ۽ 15 سيپٽمبر 2026ع تي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زون (اي اي زي) ۾ ڀارتي بحريه جي هڪ جهاز جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ ناقابل قبول ڪارروائي تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب جڏهن پاڪ بحريه پنهنجي ٻه سالا مشق “سي اسپارڪ – 26” ڪري رهي هئي، ڀارتي سامونڊي جهاز پاڪستاني سامونڊي جهاز جي خطرناڪ حد تائين ويجهو جارحاڻيون مشقون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي سامونڊي جهازن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو. اهو واقعو عالمي قانون ۽ 1991ع جي ٻطرفي معاهدي “فوجي مشقن ۽ فوجي دستن جي چرپر کان اڳ اڳواٽ اطلاع” جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ ان سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خطرو پيدا ٿيو آهي. ڀارتي ناظم الامور کي چيو ويو آهي ته هو ڀارتي حڪومت کي آگاهه ڪري ته پاڪستان ڀارت جي ان جارحاڻي ڪارروائي کي سختي سان رد ڪري ٿو. ڀارتي ڌر تي زور ڏنو ويو ته هو عالمي قانون ۽ ٻطرفي معاهدن خاص طور تي سمنڊ ۾ واقعن جي روڪٿام بابت معاهدن جي سختي سان پابندي ڪري. نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو ناظم الامور ڀارت جي پرڏيهي وزارت ۾ پڻ باضابطا رڪارڊ رڪارڊ ڪرائيندو. بيان موجب پاڪستان عالمي برادري کي اپيل ڪري ٿو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو پنهنجو جارحاڻو رويو ختم ڪري ۽ اهڙي غيرذميواراڻي ڪاررواين کان پاسو ڪري جيڪي ڏکڻ ايشيا کي وڌيڪ عدم استحڪام ۾ وجهي سگهن ٿيون. هي خطو ڀارت پاران تڪرار ۽ عدم استحڪام طرف مسلسل غيرذميواراڻي طرزعمل جو يرغمال بڻجي رهڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي.










