خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران بُک جي خاتمي لاءِ ڊبليو ايف پي جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ، ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ ختم ڪرڻ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ حفاظتي ٽيڪن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور

ڪراچي - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بُک جي خاتمي جي لاءِ گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماءُ جو کير پيارڻ، حفاظتي ٽيڪن، ٻاروتڻ جي مناسب واڌويجهه جي فروغ ۽ ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور …

ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بُک جي خاتمي جي لاءِ گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماءُ جو کير پيارڻ، حفاظتي ٽيڪن، ٻاروتڻ جي مناسب واڌويجهه جي فروغ ۽ ٻارن ۾ غذائيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري اها ڳالهه گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (ڊبليو ايف پي) پاڪستان جي نمائنده ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ سينيٽر شيري رحمان، سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضى وهاب ۽ پرڏيهي وزارت جو ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو پڻ شريڪ هئا. خاتون اول کي ڊبليو ايف پي پاران غذائيت، غذائي تحفظ، اسڪولن ۾ کاڌي جي فراهمي ۽ موسمياتي لچڪ جي شعبن ۾ جاري ڪم خاص طور تي بينظير نشونما پروگرام تحت تعاون بابت بريفنگ ڏني وئي. وفد ٻڌايو ته بينظير نشونما پروگرام شروع ٿيڻ کان هيستائين سڄي ملڪ ۾ 30 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ ٻارن فائدو کنيو آهي جن ۾ سنڌ جا 17 لک کان وڌيڪ مستحقين شامل آهن. وفد ڊبليو ايف پي جي 4 ڪروڙ ڊالر جي اسڪول مِيلز پروگرام بابت پڻ آگاهه ڪيو جنهن تحت ملير ۽ ڪيماڙي جي 614 اسڪولن ۾ هڪ لک ٻارن کي کاڌو فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ شديد غذائي کوٽ، غذائي جزن جي کوٽ، صاف پاڻي ۽ صفائي ۽ موسمياتي لچڪ بابت قدمن تي پڻ روشني وڌي وئي. خاتون اول بينظير نشونما پروگرام جي اهميت ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي دائري خاص طور تي پائيدار ترقي جي هدف 2 (ايس ڊي جي 2) بُک جي خاتمي (زيرو هنگر) کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ماءُ ۽ ٻار جي صحت، ماءُ جو کير پيارڻ، حفاظتي ٽيڪن، غذائيت، شروعاتي ٻاروتڻ جي واڌويجهه، ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ٻارن ۾ قد جي گهٽ واڌويجهه جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. خاتون اول ٻارن جي لاءِ پهچ جوڳي طبي سهولتن خاص طور تي چائلڊ لائيف فائونڊيشن جي ڪم جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ آباديءَ ۾ اضافي ۽ ان جي صحت، تعليم ۽ ترقي تي اثرن تي قومي سطح تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊبليو ايف پي جي اسڪول مِيلز پروگرام جي آجيان ڪندي خاتون اول مرڪزي ڪچن ماڊلز ۾ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن اسڪولن ۾ زرعي سرگرمين ۽ ڪچن گارڊنز تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي تجويز ڏني ته جيئن ٻار عملي تجربي جي ذريعي غذائيت، زراعت ۽ صحتمند خوراڪ بابت سکي سگهن. 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو حوالو ڏيندي خاتون اول پاڪستان جي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان حساسيت ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ امدادي ردعمل کان اڳتي وڌي شروعاتي تنبيهه، اڳواٽ قدمن ۽ معاشرتي عزم ۽ حوصلي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن سنڌ جي ان پروگرام کي اجاگر ڪيو جنهن تحت اٽڪل 21 لک ٻوڏ کان محفوظ گهرن جي تعمير ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مستحق خاندانن جي عورتن کي انهن گهرن جي ملڪيت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن ان قدم کي اڳتي وڌائڻ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت جو پڻ ذڪر ڪيو. خاتون اول سنڌ حڪومت جي ترقياتي ۽ سماجي شعبي جي سرگرمين خاص طور تي ٿر ۾ جاري قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو. ڊبليو ايف پي جي وفد خاتون اول کي اڳواٽ قدمن، آفتن جي خطرن جي لاءِ مالياتي انتظامن، شروعاتي تنبيهه نظام، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ زراعت ۽ قدرتي آفتن کان روزگار ۽ چوپائي مال جي تحفظ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ڊبليو ايف پي جي پروگرامن ۾ ڪچن گارڊننگ، مقامي سطح تي غذائي تحفظ ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ عورتن جي قيادت هيٺ روزگار جي موقعن جي معاونت پڻ شامل آهي. خاتون اول پاڪستان ۾ بُک جي خاتمي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊبليو ايف پي جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ وفد کي خاطري ڪرائي ته هوءَ سڄي ملڪ ۾ غذائيت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان آگاهي ۽ حمايت جي سرگرمين جي لاءِ پنهنجو آواز اٿاريندي. هن ڊبليو ايف پي جي “شيئر دي مِيل” قدم جي لاءِ پنهنجي مسلسل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو جنهن ۾ هوءَ ذاتي طور تي پڻ تعاون ڪري چڪي آهي. خاتون اول حڪومت، گڏيل قومن ۽ ترقياتي حصيدارن جي وچ ۾ مسلسل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور عورتن ۽ ٻارن کي مناسب غذائيت، صحت جي سهولتن ۽ تعليم تائين پهچ يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں