اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ آٽو ۽ آٽو پارٽس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 31-2026ع بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاليسي جي مسودي جو تفصيلي جائزو وٺندي ان کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ روزانو اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق اجلاس ۾ وفاقي وزير اويس احمد …
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ آٽو ۽ آٽو پارٽس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 31-2026ع بابت ڪميٽي جو اجلاس منعقد، پاليسي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ آٽو ۽ آٽو پارٽس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 31-2026ع بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاليسي جي مسودي جو تفصيلي جائزو وٺندي ان کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ روزانو اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان مطابق اجلاس ۾ وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، صلاحڪار هارون اختر ۽ لاڳاپيل وفاقي وزارت، ڊويزنز ۽ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آٽو پاليسي جي مسودي تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورن اهم معاملن جو جائزو ورتو ويندو. شرڪت ڪندڙن آٽو پاليسي جي حوالي سان سمورين وزارتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي خدشن تي شق وار غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته پاليسي جي حتمي مسودي جو قانوني، مالي ۽ انتظامي پهلوئن جو جائزو وٺڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاليسي جي مسودي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ روزانو اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته آٽو ۽ آٽو پارٽس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 31-2026ع کي وزيراعظم جي منظور ڪيل پاليسي ترجيحن سان هم آهنگ رکيو ويندو.











