اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرائيويٽ حج اسڪيم جي 11 هزار 600 حج پانڌيئڙن جي بُڪنگ مڪمل ٿي وئي، هن اسڪيم جون 60 هزار سيٽون اڃا تائين موجود آهن. اربع ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق حج پورٽل تي منظم ڪمپينن طرفان اڪانومي، اسٽينڊرڊ ۽ پريمئم حج پيڪيج موجود آهن. حج پورٽل ذريعي 25 منتظمين جي اڪائونٽس ۾ بقايائن جي مد ۾ 10 ارب رپيا موصول …
پرائيويٽ حج اسڪيم جي 11 هزار 600 حج پانڌيئڙن جي بُڪنگ مڪمل، 60 هزار سيٽون اڃا تائين موجود آهن: مذهبي معاملن واري وزارت
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرائيويٽ حج اسڪيم جي 11 هزار 600 حج پانڌيئڙن جي بُڪنگ مڪمل ٿي وئي، هن اسڪيم جون 60 هزار سيٽون اڃا تائين موجود آهن. اربع ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق حج پورٽل تي منظم ڪمپينن طرفان اڪانومي، اسٽينڊرڊ ۽ پريمئم حج پيڪيج موجود آهن. حج پورٽل ذريعي 25 منتظمين جي اڪائونٽس ۾ بقايائن جي مد ۾ 10 ارب رپيا موصول ٿي چڪا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي تيار ڪيل حج پورٽل ذريعي 4 ارب رپين کان وڌيڪ رقم آن لائن جمع ڪرائي وئي. وزارت تنبيهه ڪئي آهي ته حج بقايائن جي ادائيگي لاءِ صرف ”پاڪ حج ايپ“ يا ”حج پورٽل“ استعمال ڪيو وڃي، حج پانڌيئڙا ڪنهن غير مجاز ماڻهو يا ڪمپني کي سڌي ريت رقم جمع نه ڪرائين. پرائيويٽ حج اسڪيم جي بُڪنگ سيٽن جي دستيابي تائين يا 20 نومبر تائين جاري رهندي.











