ٿر جي ڪوئلي مان بجلي گهرن مالي سال 26-2025ع ۾ 16447 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪندڙ بجلي جي منصوبن مالي سال 26-2025ع دوران مجموعي طور تي 16447.521 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي جنهن لاءِ 13.83 ملين ٽن مقامي ڪوئلو استعمال ڪيو ويو. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب 3960 ميگاواٽ جي مجموعي پيداواري صلاحيت رکندڙ 6 بجلي منصوبن مالي سال دوران ٿر جو ڪوئلو مڪمل طور تي يا درآمدي ڪوئلي سان ملائي استعمال ڪيو. …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪندڙ بجلي جي منصوبن مالي سال 26-2025ع دوران مجموعي طور تي 16447.521 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي جنهن لاءِ 13.83 ملين ٽن مقامي ڪوئلو استعمال ڪيو ويو. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب 3960 ميگاواٽ جي مجموعي پيداواري صلاحيت رکندڙ 6 بجلي منصوبن مالي سال دوران ٿر جو ڪوئلو مڪمل طور تي يا درآمدي ڪوئلي سان ملائي استعمال ڪيو. دستاويز ۾ ڏنل انگن اکرن جي بنياد تي ڪيل حساب موجب مالي اسل 26-2025ع دوران انهن منصوبن ۾ ٿر جي ڪوئلي جو مجموعي استعمال 13834293 ٽن رهيو. ٿرڪول بلاڪ هڪ – پاور جنريشن ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو منصوبو رهيو، سنڌ جي ٿر بلاڪ هڪ ۾ واقع 1320 ميگاواٽ جي ان بجلي گهر 6602756 ٽن ٿر ڪوئلو استعمال ڪري 8330914 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي. ان جي سالياني ڪوئلي جي ضرورت 7.6 ملين ٽن داخل آهي ۽ ان ۾ ڪوئلي جي پوري ضرورت ٿر جي ڪوئلي مان پوري ڪئي ويندي آهي. ٿر بلاڪ 2 سان جڙيل ٽن منصوبن به مڪمل طور تي ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪيو، 660 ميگاواٽ جي اينگرو پاور جن ٿر پرائيويٽ لميٽيڊ 3434627 ٽن ڪوئلو استعمال ڪري 3816.539 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي. ان جي ساليانو ڪوئلي جي ضرورت 3.8 ملين ٽن داخل آهي. 330 ميگاواٽ جي ٿر انرجي لميٽيڊ 1630550 ٽن ٿر ڪوئلو استعمال ڪري 1821.777 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته 330 ميگاواٽ جي ٿل نووا پاور ٿر لميٽيڊ 1662985 ٽن ڪوئلي مان 1824.147 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي. ٻنهي بجلي گهرن جي سالياني ڪوئلي جي ضرورت 1.9 ملين ٽن في پلانٽ آهي ۽ ٻئي مڪمل طور تي ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪن ٿا. مڪمل طور تي ٿر جي ڪوئلي تي هلندڙ انهن چئن بجلي گهرن مالي سال 26-2025ع ۾ مجموعي طور تي 15793.377 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪئي ۽ اٽڪل 13.30 ملين ٽن مقامي ڪوئلو استعمال ڪيو. پورٽ قاسم ۾ واقع 660 ميگاواٽ جي لڪي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني لميٽيڊ مالي سال 26-2025ع دوران 33 سيڪرو ٿر ۽ 67 سيڪڙو ٻاهران گهرايل ڪوئلو استعمال ڪيو. 660 ميگاواٽ جي ڄامشورو پاور ڪمپني لميٽيڊ 20 سيڪڙو ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪيو، دستاويزن موجب ڄامشورو 19 جون 2026ع تي 80 سيڪڙو ٻاهران گهرايل ۽ 20 سيڪڙو ٿر جي ڪوئلي سان هيٽ ريٽ ٽيسٽ ڪيو. دستاويزن موجب انهن بجلي منصوبن مان پيدا ٿيل بجلي قومي گرڊ کي فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ نظام جي ضرورتن موجب سڄي ملڪ جي صارفين تائين پهچائي ويندي آهي.

مزید خبریں