وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فرانس جي پاڪستان ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير نڪولس گالي جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فرانس جي پاڪستان ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير نڪولس گالي اربع ڏينهن الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فرانس جي پاڪستان ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير نڪولس گالي اربع ڏينهن الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سفير نڪولس گالي جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان فرانس سان پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوطي ۽ سگهه ڏيندو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ سياسي رابطن، اقتصادي تعاون، ترقياتي شعبي ۾ تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. ملاقات ۾ ٻنهي پاران اعلى سطح تي باقاعده رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سفير نڪولس گالي جي لاءِ مستقبل جي ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں