قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ملائيشيا جي هم منصب سان ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق

ڪيپ ٽائون - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملائيشيا جي هائوس آف ريپريزنٽيٽو جي اسپيڪر ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا …

ڪيپ ٽائون – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملائيشيا جي هائوس آف ريپريزنٽيٽو جي اسپيڪر ڊاڪٽر جوهري بن عبدل سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي ملائيشيا جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ دوران پاڪستان امن کي ترجيح ڏني. ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪري عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪئي. سرداراياز صادق چيو ته پاڪستان کي افغانستان جي سر زمين تان دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. علائقائي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. مڪه مڪرمه جوائنٽ ڊفينس معاهدي تي اثرائتو عملدرآمد مسلمان ملڪن جي اتحاد ۾ مددگار ٿيندو. هن ان موقعي تي ملائشيا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.

مزید خبریں