اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هلندڙ سال ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ايڊميشن ٽيسٽ 20 سيپٽمبر 2026ع تي سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته هلندڙ سال ايم ڊي ڪيٽ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 34 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته رياض، سعودي عرب ۾ هڪ عالمي مرڪز به …
ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ايڊميشن ٽيسٽ 20 سيپٽمبر تي منعقد ٿيندي، امتحاني عمل کي وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ بڻايو ويو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته هلندڙ سال ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ايڊميشن ٽيسٽ 20 سيپٽمبر 2026ع تي سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته هلندڙ سال ايم ڊي ڪيٽ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 34 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته رياض، سعودي عرب ۾ هڪ عالمي مرڪز به قائم ڪيو ويو آهي. مجموعي طور تي هڪ لک 38 هزار 160 اميدوارن امتحان لاءِ رجسٽريشن ڪرائي آهي. هن چيو ته گذريل سال ايم ڊي ڪيٽ جي حوالي سان هڪ به شڪايت نه ملي هئي. هلندڙ سال امتحاني عمل کي وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ بڻايو ويو آهي. وفاقي وزير مطابق هلندڙ سال 8 هزار سوالن تي ٻڌل سوالن واري بينڪ تيار ڪئي وئي آهي. ان مقصد لاءِ سڄي ملڪ مان اٽڪل 80 هزار ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جن تقريبن ٻن مهينن تائين سيڪيورٽي جي خصوصي انتظامن ۾ سوال تيار ڪيا. هن ٻڌايو ته 8 هزا سوالن مان هر صوبي کي 180 -180 سوالن تي ٻڌل 2 الڳ الڳ پيپرز فراهم ڪيا ويا آهن، جن مان لاڳاپيل صوبي ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون امتحاني پرچه تيار ڪنديون. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پوري پاڪستان لاءِ هڪ ئي پيپر هوندو هو، جنهن سبب ڪنهن هڪ هنڌ تي پرچه ليڪ ٿيڻ جي صورت ۾ پوري ملڪ جو امتحان متاثر ٿيڻ جو خدشو رهندو هو. ان خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ هن ڀيري هر صوبي کي ڌارڌار پيپرز فراهم ڪيا ويا آهن. هن واضح ڪيو ته اميدوارن جي رجسٽريشن ۽ سوالن جي بينڪ جي فراهمي ائين پي ايم اينڊ ڊي سي پنهنجون ذميواريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته هاڻي امتحان جو بندوبست، پرچن جي طباعت، محفوظ تحويل، ترسيل، امتحان جو بندوبست ۽ نتيجن جي اعلان سميت ٻيا انتظام لاڳاپيل صوبن ۽ نامزد ميڊيڪل يونيورسٽين جي ذميواري آهن. وفاقي وزير چيو ته صحت واري وزارت ۽ پي ايم اينڊ ڊي سي امتحاني عمل جي نگراني ۽ مانيٽرنگ جي ذميواري پوري ڪندي ۽ ڪنهن احتجاج يا ٻئي مسئلي جي صورت ۾ صوبن ۽ لاڳاپيل يونيورسٽين جي سربراهن سان رابطي ۾ رهندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پڻ ايم ڊي ڪيٽ جي بندوبست ۾ مڪمل رازداري، سيڪيورٽي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل يونيورسٽين کي امتحاني پرچن جي پري هاڪ ايناليسس به يقيني بڻائڻي پوندي ته غلط، ناقصد يا شڪي سوال امتحاني پرچي جو حصو نه بڻجن. سيد مصطفيٰ ڪمال موجب جيڪڏهن امتحاندي پرچه ليڪ ٿئي ٿو يا شفافيت جي گهرجن تي پوري نٿو ڪيو وڃي ته لاڳاپيل يونيورسٽي کي ذميوار قرار ڏنو ويندو. اهڙي صورت ۾ پي ايم اينڊ ڊي سي امتحان منعقد ڪندڙ يونيورسٽين جي باقي 50 سيڪڙو ادائگي روڪڻ يا ڏنڊ طور ضبط ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. هن چيو ته ڪوتاهي يا غير ذميواري جي صورت ۾ لاڳاپيل يونيورسٽي جي ذميوار آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف مناسب قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته لاڳاپيل يونيورسٽين کي آئينده ايم ڊي ڪيٽ منعقد ڪرڻ کان به نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو. ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن ۽ سيٽن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته هن سال ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلان لاءِ مجموعي طور تي 22 هزر سيٽون دستياب آهن. هن سال ۾ ٻه ڀيرا ايم ڊي ڪيٽ منعقد ڪرڻ جي تجويز جي حوالي سان چيو ته اها تجويز عمل جوڳي ناهي. هن ٻڌايو ته گذريل سال اٽڪل 300 سيٽون خالي رهجي ويون هيون. هن موجب فيس سبب سيٽون خالي رهجي وڃڻ جي حوالي سان سامهون اچڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. وفاقي وزير چيو ته نجي طبي ادارن ۾ معياري تعليم جي کوٽ بابت شڪايتون اينديون رهنديون آهن ۽ پي ايم اينڊ ڊي سي ان معاملي تي سخت قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته جن پرڏيهي شاگردن يا ماڻهن جي پاڪستان ۾ قيام بابت دستاويز مڪمل ناهن، انهن کي واپس موڪليو پيو وڃي. هن مطابق ان پاليسي ۾ صرف افغان شاگرد شامل ناهن پر ٻين ملڪن جا شاگرد، انجنيئرنگ جا شاگرد ۽پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو به شامل آهن.











