پاڪستان جو آءِ سي ٽي روانگي واپار 4.6 ارب ڊالرز تائين پهتو، 161 ملين براڊ بينڊ صارفين ساليانو 75 هزار گريجوئيٽس ۽ سافٽ ويئر انجنيئرز ورڪ فورس جو حصو بڻجي رهيا آهن: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جو آءِ سي ٽي روانگي واپار رڪارڊ 4.6 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهتو آهي.  قومي اي آءِ پاليسي تحت 2027ع تائين 10 لک اي آءِ پروفيشنلز تيار ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ 161 ملين کان وڌيڪ براڊ بينڊ صارفين، 17200 ڪلوميٽر …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان جو آءِ سي ٽي روانگي واپار رڪارڊ 4.6 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهتو آهي.  قومي اي آءِ پاليسي تحت 2027ع تائين 10 لک اي آءِ پروفيشنلز تيار ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ 161 ملين کان وڌيڪ براڊ بينڊ صارفين، 17200 ڪلوميٽر ڊگهي فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ ۽ فائيو جي ۽ نيڪسٽ جنريشن ڪنيڪٽيوٽي لاءِ 750 ميگا هرٽز کان وڌيڪ اسپيڪٽرم جاري ڪري عمل ۾  آندا ويا آهن.  پاڪستان جي 68 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي آهي. ساليانو 75 هزار کان وڌيڪ آءِ ٽي گريجوئيٽس۽ سافٽ ويئر انجنيئرز ورڪ فورس جو حصو بڻجي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن اربع تي ٽوڪيو ۾ جاپان ايڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيشن (جيٽرو) جي انتظام هيٺ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ  جي تعاون سان منعقد پاڪستان بزنس سيمينار کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. سيمينار جو عنوان پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي ۽ جاپان سان شراڪتداري جا موقعا هو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سينئر سرڪاري عملدارن، واپاري ۽ صنعتي اڳواڻن ۽ ٽيڪنالاجي ايگزيڪيوٽوز  شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير عبدالحميد،  پاڪستان ۾ جاپان جي سفير شوئيچي اڪاماتسو، سي اي او پي ايس اي بي فيصل جدي، جيٽرو جي ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ اڪيڪو اوڪومورا ۽ جاپان جي معيشت، واپار صنعت واري وزارت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ناريتوشي تاڪاياما به موجود هئا. هن چيو ته جاپان عالمي معيار جي نفاست، ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ جي مهارت رکي ٿو جڏهن ته پاڪستان باصلاحيت افرادي قوت ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو.  هن جاپاني ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽرز جي قيام، يونيورسٽين ۽ صنعتن جي مضبوط رابطن ۽ گڏيل پراڊڪٽ ڊولپمينٽ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي پليٽ فارم سان پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ تعاون فراهم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں