اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ڪندڙن جي ڪليئرنس، ڪارگو جي قيام جو وقت گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪسٽمز، بندرگاهي اختيارين، روانگي واپار ڪندڙن ۽ شپنگ شعبي وچ ۾ اثرائتن رابطن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. وزارت پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب اربع تي وفاقي وزير ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي …
ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ڪندڙن جي مسئلن جي حل لاءِ مربوط قدم ضروري آهن: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ڪندڙن جي ڪليئرنس، ڪارگو جي قيام جو وقت گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪسٽمز، بندرگاهي اختيارين، روانگي واپار ڪندڙن ۽ شپنگ شعبي وچ ۾ اثرائتن رابطن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. وزارت پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب اربع تي وفاقي وزير ٽيڪسٽائيل جو روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي جائزي لاءِ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل صنعت جي نمائندن، بندرگاهن جي چيئرمينن، ڪسٽمز عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روانگي واپار ڪندڙن ڪارگو جي ڪليئرنس ۽ چر پر ۾ دير جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. هنن ٻڌايو ته روانگي واپار جون کيپون گهڻي دير تائين بندرگاهن تي رهڻ سبب روانگي واپار جي وقت تي روانگي متاثر ٿي رهي آهي، ۽ ڪاروباري خرچ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير روانگي واپار ڪندڙن تي زور ڀريو ته اهي گڊز ڊيڪلريشنز وقت سر جمع ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪارگو جي پهچڻ کان اڳ سمورا ضروري دستاويز مڪمل ڪرائين ته جيئن ڪليئرنس جو عمل اڳ ئي شروع ڪري سگهجي ۽ ڪارگو جي قيام جو وقت گهٽجي وڃي. ڪسٽمز ۽ بندرگاهي عملدارن اجلاس کي ڪليئرنس جي موجوده طريقيڪار ۽ مختلف مرحلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسڪيننگ لاءِ چونڊيل کيپ جي اثرائتي ۽ وقت تي شيڊولنگ ڪئي وڃي ته جيئن سيڪيورٽي ۽ ريگيوليٽري گهرجون پوريون ڪندي غير ضروري دير کان بچي سگهجي. جنيد انوار چوڌري ڪسٽمز عملدارن کي اسڪيننگ جي عمل جو جائزو وٺڻ، دير جي سببن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ان عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ڊجيٽلائيزيشن، اڳواٽ فائيلنگ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ بهتر رابطا ڪاري ذريعي ڪارروائي جو وقت گهٽ ڪرڻ وارن امڪانن جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس دوران روانگي واپار ڪندڙن عالمي شپنگ روٽس ۾ رڪاوٽن، خاص طور تي ڳاڙهي سمنڊ جي صورتحال سبب سامان جي فراهمي جي وقت ۾ اضافي وارن مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شپنگ روٽس ۾ تبديلي ۽ سامونڊي جهازن جي ڊگهي سفر سبب رسد جي وقت ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب روانگي واپار ڪندڙ شعبن کي اضافي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته انهن جي مسئلن جي حل لاءِ فوري طور تي انتظامي قدمن سان گڏوگڏ شپنگ رابطا ڪاري کي پڻ بهتر بڻائڻ ضروري آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته روانگي واپار ڪندڙن جي مسئلن جو حل ڪنهن هڪ اداري جي الڳ ڪارروائي بدران مربوط طريقيڪار تحت ڪيو وڃي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته بندرگاهن ۽ ڪسٽمز سان لاڳاپيل دير جو سڌي ريت اثر پاڪستان جي روانگي واپار جي چٽا ڀيٽي تي پئي ٿو، ان لاءِ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار جي شعبي جي مسئلن کي فوري ۽ عملي حل يقيني بڻايو وڃي.












