حيدرآباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو وڊيو لنڪ ذريعي، صحت کاتي جي آفيسرن، صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندن، لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز پڻ وڊيو لنڪ …
حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر جي صدارت هيٺ هلندڙ مهيني جي ستن ڏينهن واري پوليو مهم جي تيارين جو جائزووٺڻ بابت اجلاس منعقد

مزید خبریں
حيدرآباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو وڊيو لنڪ ذريعي، صحت کاتي جي آفيسرن، صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندن، لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊويزن جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس دوران 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ ستن ڏينهن واري ايس اين آءِ ڊي پوليو مهم جي تيارين، مائيڪرو پلانز، سيڪيورٽي انتظامن ۽ ٻارن کي مؤثر طريقي سان پوليو جا ڦڙا پيارڻ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. عالمي اداري جي نمائندن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليو مهم جي مجموعي تيارين ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ تقريبن 93 سيڪڙو ريڊينيس مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جمعي تائين سمورا تربيتي مرحلا مڪمل ڪيا ويندا. ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ 13 ٽريڪڊ انڊيڪيٽرز تحت پلاننگ، هيومن ريسورس ميپنگ ۽ ڪور ٽريننگ مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ٽيم ٽريننگ جو عمل پڻ تيزيءَ سان جاري آهي. تنهن هوندي به مائيڪرو پلانز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته حيدرآباد ۾ چئن مهينن جي مسلسل محنت کانپوءِ ماحولياتي نمونا منفي ٿيا هئا، پر تازو مثبت ماحولياتي نمونا ڳڻتي جو سبب آهن. هن هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۽ سجاول ضلعن تي خاص ڌيان ڏيندي مثبت ماحولياتي نمونن کي ٻيهر منفي ڪرڻ لاءِ مربوط ۽ نتيجا ڏيندڙ قدم کنيا وڃن. هن ويڪسين لڳائڻ جي مقرر طريقيڪار، پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي معيار، موبائل ٽيمن جي چرپر ۽ سرحدي توڙي حساس علائقن جي مؤثر نگراني کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.ڊويزنل ڪمشنر وڌيڪ هدايت ڪئي ته انڪاري ڪيسن، غير دستياب ٻارن ۽ مس ٿيل ڪيسن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جڏهن ته ضلعي حيدرآباد ۾ 330 جواب نه ڏيندڙ ڪيسن جي مؤثر فالو اپ سان گڏ مائيڪرو پلانز تي جامع طريقي سان عملدرآمد ڪيو وڃي.هن غذائي کوٽ جو شڪار خاندانن جي نشاندهي، لاڳاپيل صحت مرڪزن کي آگاهه ڪرڻ ۽ غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نيوٽريشنل سروي ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو سيڪيورٽي انتظامن بابت چيو ته مختلف سيڪيورٽي ادارن کي پوليو مهم ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ حساس علائقن، لڏپلاڻ ڪندڙ آبادي، ٽرانزٽ پوائنٽن ۽ سامونڊي پٽي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽي، سجاول ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي نفري وڌائڻ، جڏهن ته حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ نئين آباد ٿيندڙ آبادي جي مؤثر نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حيدرآباد سميت سمورن علائقن جي ماحولياتي نمونن کي منفي بڻائڻ لاءِ مربوط قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مثبت ماحولياتي نمونن جي پسمنظر ۾ مخصوص يونين ڪائونسلن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ انهن کي مختلف ٽيمن ۾ ورهايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ٻن مثبت ماحولياتي نمونن کي ٻيهر منفي ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي تجويزن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ پوليو مهم لاءِ ڀرپور تياريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.










