اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مڪه جي علائقن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي. اربع تي ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هن قدم جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهو قدم سعودي …
پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران مڪه جي علائقن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت
اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مڪه جي علائقن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي. اربع تي ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هن قدم جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهو قدم سعودي عرب جي علائقائي خودمختياري ۽ سالميت جي خلاف ورزي آهي جڏهن ته ان سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا مذهبي جذبا مجرُوح ٿيا آهن. اهو قدم علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان حرمين شريفين جي تقدس ۽ سلامتي ۽ زائرين، شهرين ۽ رهواسين جي تحفظ لاءِ سعودي عرب جي عوام ۽ ان جي قيادت سان گڏ بيٺل آهي.












