صدر آصف علي زرداري پمز ۾ نرس رضيه نورين کي تمغه شجائت ڏيڻ سميت اهم سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پمز ۾ نرس رضيه نورين کي تمغه شجائت ڏيڻ سميت اهم سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، منظور ٿيل سمرين ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف لوڪ اينڊ ٽريڊيشنل هيريٽيج (لوڪ ورثو) ترميمي بل 2026ع، معياري وقت (حوالن جي وضاحت) ترميمي بل 2026ع، آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي (اي …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پمز ۾ نرس رضيه نورين کي تمغه شجائت ڏيڻ سميت اهم سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، منظور ٿيل سمرين ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف لوڪ اينڊ ٽريڊيشنل هيريٽيج (لوڪ ورثو) ترميمي بل 2026ع، معياري وقت (حوالن جي وضاحت) ترميمي بل 2026ع، آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي (اي ايف آءِ يو) راولپنڊي جي ٽيبل آف آرگنائيزيشن اينڊ ايڪوپمينٽ ۾ نظرثاني ۽ ماحول دوست طريقي سان جهازن ۾ موجُود خطرناڪ مواد جي انتظام بابت بل 2026ع شامل آهن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي اسٽاف نرس رضيه نورين کي تمغو شُجائت ڏيڻ جي به منظوري ڏني، جنهن پمز ۾ باهه جي واقعي دوران پنهنجي زندگيءَ خطري ۾ وجهي اڪيلي بچيل ٻار کي محفوظ طور تي ٻاهر ڪڍيو.

مزید خبریں