لنڊن-16 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 19 سيپٽمبر تي وڌيڪ پنجن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهريون ميچ ٽوٽنهام هاٽ پور ۽ اسٽن ولاٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ دفاعي چيمپئين آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمير، انگليند ۾ کيڏيو ويندو. ٽين ميچ ۾ …
انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 19 سيپٽمبر تي وڌيڪ 5 ميچ کيڏيا ويندا
لنڊن-16 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 19 سيپٽمبر تي وڌيڪ پنجن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهريون ميچ ٽوٽنهام هاٽ پور ۽ اسٽن ولاٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ٻيو ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ دفاعي چيمپئين آرسنل جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمير، انگليند ۾ کيڏيو ويندو. ٽين ميچ ۾ ايورٽن ۽ اپسوچ ٽائون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اهو ميچ هل ڊڪنسن اسٽيڊيم، ليور پول ۾ کيڏيو ويندو، چوٿون ميچ نيوڪسل يونائيٽد ۽ هل سٽي جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ جيمز پارڪ، نيوڪسل اپون ٽائن ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته 19 ڊسمبر تي تي پنجون ۽ آخري ميچ ناٽنگهم فاريسٽ ۽ ڪووينٽري سٽي وچ ۾ گرائونڊ ناٽنگهم ۾ کيڏيو ويندو.












