سيئول-16 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڏکڻ ڪوريا جي مشهور ڪمپني سام سنگ هلندڙ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ نئون گليڪسي ايس 26 ايف اي سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي، اهو سمارٽ فون نئين سافٽ ويئر ون يو آءِ 9 جو مستحڪم ورزن حاصل ڪري چڪو آهي جڏهن ته مهانگو فليگ شپ گليڪسي ايس 26 الٽرا هاڻي به بيٽا مرحلي ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گليڪسي ايس 26 ايف اي کي آگسٽ جي آخر ۾ ون يو آءِ 9 جو اپ ڊيٽ …
سام سنگ پاران گليڪسي ايس 26 ايف اي نئون سمارٽ فون متعارف
سيئول-16 سيپٽمبر (اي پي پي ) ڏکڻ ڪوريا جي مشهور ڪمپني سام سنگ هلندڙ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ هڪ نئون گليڪسي ايس 26 ايف اي سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي، اهو سمارٽ فون نئين سافٽ ويئر ون يو آءِ 9 جو مستحڪم ورزن حاصل ڪري چڪو آهي جڏهن ته مهانگو فليگ شپ گليڪسي ايس 26 الٽرا هاڻي به بيٽا مرحلي ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گليڪسي ايس 26 ايف اي کي آگسٽ جي آخر ۾ ون يو آءِ 9 جو اپ ڊيٽ ملي چڪو آهي جڏهن ته ايس 26 الٽرا جي قيمت ان کان ٻيڻي آهي. ماضي ۾ سام سنگ جي گليڪسي ايس سيريز کي نئين اينڊرائيڊ ۽ ون يو آءِ اپ ڊيٽس سڀ کان اڳ ملندي هئي. ڪمپني پهريان پنهنجي ايس سيريز جي نئين فليگ شپ فونز کي اپ ڊيٽ ڪري ها جنهن کان پوءِ فولڊ ايبلز ، ايف اي ۽ ٻين فونز تائين نئون سافٽ ويئر پهچندو هيو جڏهن ته گذريل ٻن جنريشنز يعني گليڪسي ايس 25 ۽ گليڪسي 26 سان اها ترتيب تبديل ٿي وئي آهي ان جو بنيادي سبب گوگل پاران اينڊرائيڊ جي نئين ورزن جاري ڪرڻ جي شيڊول ۾ تبديلي آهي . ماضي ۾ اينڊرائيڊ جا وڏا اپ ڊيٽس آگسٽ کان آڪٽوبر وچ ۾ جاري ٿيندا هيا جڏهن ته سام سنگ پنهنجي فولڊايبل سيريز جولاءِ يا آگسٽ ۾ متعارف ڪرائيندو هيو.












