اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 277 روپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 73 رپيا 82 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 735 …
انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 277 روپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 73 رپيا 82 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 735 رپيا 57 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 720 رپيا 25 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 903 رپيا 26 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 07 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 278 رپيا ۽ وڪرو 278 رپيا 35 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











