حڪومت وڪيل برادري جي جائز مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مختلف وڪيل اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وڪيل برادري جي درپيش مسئلن، قانون ۽ انصاف بابت معاملن ۽ ان جي حل لاءِ امڪاني قدمن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبرن سيد غضنفر عباس بخاري ۽ ملڪ صبح صادق اعواڻ ايڊووڪيٽ سميت ليه، ميانوالي ۽ پپليان سان تعلق رکندڙ ٻين وڪيلن …

اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان مختلف وڪيل اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وڪيل برادري جي درپيش مسئلن، قانون ۽ انصاف بابت معاملن ۽ ان جي حل لاءِ امڪاني قدمن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبرن سيد غضنفر عباس بخاري ۽ ملڪ صبح صادق اعواڻ ايڊووڪيٽ سميت ليه، ميانوالي ۽ پپليان سان تعلق رکندڙ ٻين وڪيلن به شرڪت ڪئي. وڪيل اڳواڻن وفاقي وزير کي پنهنجي برادري جي درپيش مختلف مسئلن ۽ معاملن کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته سينيٽر اعظم نذير تارڙ سندن موقف کي ڌيان سان ٻڌو. ملاقات دوران قانون ۽ انصاف جي شعبي بابت مختلف معاملا به بحث هيٺ آيا ۽ وڪيل برادري جي جائز مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت وڪيل برادري جي جائز مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

مزید خبریں