ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 80 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 80 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مھينن ۾ ملڪ مان ڪارن جي 30810 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 17127 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 80 …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪارن جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 80 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پاڪستان آٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مھينن ۾ ملڪ مان ڪارن جي 30810 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ٿيو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 17127 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙو وڌيڪ آھي. آگسٽ ۾ ڪارن جو 13642 يونٽس جو وڪرو ٿيو، جيڪو جولاءِ جي 17168 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال آگسٽ جي 10016 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 36 سيڪڙو وڌيڪ آھي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مھينن ۾ 1300 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ پاور جي 16558 يونٽس ڪارن جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 9218 يونٽس جي ڀيٽ ۾ 81 سيڪڙو وڌيڪ آھي. آگسٽ ۾ 1300 سي سي ۽ ان کان وڌيڪ پاور جي 7592 يونٽس جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں