ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت عوام جي راءِ، بنيادي حقن ۽ مساوي موقعن جي احترام جو نالو آهي. جمهوري معاشري جي مضبوطي لاءِ آئين، قانون ۽ ادارن جو احترام اڻٽر آهي. گورنر چيو ته جمهوريت جي اصل طاقت عوام جي شموليت ۽ ان جي اعتماد ۾ آهي، هر شهري …
جمهوريت عوام جي راءِ، بنيادي حقن ۽ مساوي موقعن جي احترام جو نالو آهي: سيد محمد نهال هاشمي

مزید خبریں
ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت عوام جي راءِ، بنيادي حقن ۽ مساوي موقعن جي احترام جو نالو آهي. جمهوري معاشري جي مضبوطي لاءِ آئين، قانون ۽ ادارن جو احترام اڻٽر آهي. گورنر چيو ته جمهوريت جي اصل طاقت عوام جي شموليت ۽ ان جي اعتماد ۾ آهي، هر شهري کي پنهنجي راءِ جي اظهار ۽ قومي معاملن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي. اختلاف راءِ جو احترام ۽ ڳالهين وسيلي مسئلن جو حل ڳولهڻ جمهوريت جو بنيادي روح آهي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته مضبوط جمهوريت ئي معاشي ترقي، سماجي انصاف ۽ قومي استحڪام جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جمهوري ادارن کي مضبوط بنائڻ، آئين جي بالادستي يقيني بنائڻ ۽ عوامي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي.











