حيدرآباد ۾ ووٽر رجسٽريشن مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس، صنفي فرق گهٽائڻ تي زور

حيدرآباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي) انڪلوسو نادرا/ووٽر رجسٽريشن مهم فيز-V  جي ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ضلعي اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد احمد نديم شيخ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ووٽر رجسٽريشن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ جاري مهم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ضلعي اليڪشن ڪمشنر چيو ته  اھا مهم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تحت جاري آهي. هن ٻڌايو ته مهم دوران حيدرآباد ضلعي جي مختلف …

حيدرآباد-15 سيپٽمبر(اي پي پي) انڪلوسو نادرا/ووٽر رجسٽريشن مهم فيز-V  جي ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ضلعي اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد احمد نديم شيخ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ووٽر رجسٽريشن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ جاري مهم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ضلعي اليڪشن ڪمشنر چيو ته  اھا مهم اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تحت جاري آهي. هن ٻڌايو ته مهم دوران حيدرآباد ضلعي جي مختلف علائقن ۾ موبائل رجسٽريشن وينز مقرر ڪيون پيون وڃن، ته جيئن شهرين، خاص طور تي عورتن کي ووٽر رجسٽريشن جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ ووٽر رجسٽريشن ۾ موجود صنفي فرق گهٽائي سگهجي.اجلاس ۾ گذريل مهم دوران حاصل ڪيل اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن توڙي غير سرڪاري تنظيمن وچ ۾ رابطي ۽ سهڪار جو پڻ جائزو ورتو ويو، ته جيئن حيدرآباد ضلعي ۾ مهم کي وڌيڪ اثرائتي نموني اڳتي وڌائي سگهجي.ضلعي اليڪشن ڪمشنر سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ووٽر رجسٽريشن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ مهم دوران وڌ کان وڌ عورتن جي نادرا ۾ رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو وڃي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II مهوش اعجاز چيو ته هوءَ حيدرآباد ۾ صنفي معاملن تي ڪم ڪندڙ مختلف غير سرڪاري تنظيمن سان اجلاس منعقد ڪندي، ته جيئن عورتن جي ووٽر رجسٽريشن ۾ موجود خال کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عبدالله نظاماڻي يقين ڏياريو ته پي پي ايڇ آءِ ۽ صحت کاتي جا ڪارڪن مختلف ويڪسينيشن مهمن دوران گڏجي ڪم ڪندا آهن، تنهن ڪري انهن کي عورتن جي ووٽر رجسٽريشن بابت آگاهي پکيڙڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر عبدالله نظاماڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-II مهوش اعجاز ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن جا نمائندا شريڪ ٿيا.

مزید خبریں