صدر سان فرانسيسي سفير نڪولس گيلي جي الوداعي ملاقات، پاڪستان فرانس سان پراڻي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: آصف علي زرداري

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اعلى سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان فرانس سان پراڻي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب فرانس جي سفير نڪولس گيلي صدر آصف علي زرداري …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اعلى سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان فرانس سان پراڻي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب فرانس جي سفير نڪولس گيلي صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي سفارتي دور جي دوران فرانسي سفير جي خدمتن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ سگهه اختيار ڪندا. هن چيو ته پاڪستان فرانس سان پراڻي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن مشڪل دور کانپوءِ ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سفير نڪولس گيلي جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. صدر اعلى سطح جي باقاعده مٽاسٽا، اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن فرانس ۾ ٻيلن جي باهه جي تباهي آڻيندڙ واقعن تي فرانسيسي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فرانس سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار دوران پاڪستان جي تعميري ثالثي جي ڪردار جي فرانس پاران اعتراف کي پڻ ساراهيو. صدر گڏيل مفاد جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ فرانسيسي ڪمپنين ۽ ترقي بابت فرانسيسي ايجنسي جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. صدر سفير نڪولس گيلي کي پنهنجون ذميواريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فرانسيسي سفير نڪولس گيلي پاڪستان ۾ پنهنجي سفارت دوران ملندڙ تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته هو پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي موقعي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فرانس فلسطين جي رياست کي تسليم ڪري ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ جاري منصفاڻي تحريڪن جي حمايت ڪري ٿو. هن تازي آمريڪا – ايران تڪرار دوران پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پاڪستان پاران صورتحال کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جيڪو ڪجهه به ڪيو، مهارت سان ڪيو، توهان تمام سٺو ڪم ڪيو.

مزید خبریں