ڪراچي- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سڀني ڏٺي، ايم ڪيو ايم پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي اڳڀرائي دوران گوڙ ۽ هنگامو ڪيو. هن چيو ته حڪومت ته هي بل سڌي ريت بھ پيش ڪري سگهي ٿي، پر مختلف پارٽين تي ٻڌل هڪ …
ايم ڪيو ايم پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي اڳڀرائي دوران گوڙ ۽ هنگامو ڪيو: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سڀني ڏٺي، ايم ڪيو ايم پنهنجي پراڻي روايت برقرار رکندي لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل جي اڳڀرائي دوران گوڙ ۽ هنگامو ڪيو. هن چيو ته حڪومت ته هي بل سڌي ريت بھ پيش ڪري سگهي ٿي، پر مختلف پارٽين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ سمورين پارٽين جا ميمبر شامل هئا. ايم ڪيو ايم ڪميٽي ۾ بل جي سمورين شقن جي حمايت ڪئي ۽ هاڻي اسيمبلي ۾ اچي پنهنجي موقف تان ڦري وئي آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم جي پراڻي روايت آهي. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي کانپوءِ قانون ۽ گهرو معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ئي اڳواڻ کان بغاوت ڪئي آهي. مصطفيٰ ڪمال ماضي ۾ خالد مقبول صديقي کي ”را“ جو ايجنٽ قرار ڏنو هو، پر اڄ مصطفيٰ ڪمال ساڳئي شخص جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن سندس ماضي وارو بيان غلط هو ته مصطفيٰ ڪمال معافي وٺي. هن چيو ته بل ۾ ڪا تمام وڏي ترميم نه ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن مڪاني ادارن جي مدت ختم ٿي وڃي ٿي ته حڪومت ڪنهن کي به ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري سگهي ٿي، تنهن هوندي به اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني نظام جو تسلسل برقرار رهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو رويو منافقاڻو هو. اسان چيو آهي ته سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ذميواري مڪاني ادارن کي ڏني وڃي، جڏهن ته پوليس به مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن آڏو جوابده هوندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنا، پر پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن کي تسليم نٿي ڪري، جڏهن ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪري ٿي. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ مڪاني ادارا وڌيڪ بااختيار آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ماضي ۾ به چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ بائيڪاٽ ڪيو هو. قانون ۽ گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل ايجنڊا ۾ شامل هو ۽ هن بل بابت اسيمبلي ۾ اسپيشل ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت مختلف پارٽين جا ميمبر شامل ڪيا ويا هئا. هن چيو ته جيڪڏهن انهن پارٽين کي بل تي اعتراض هو ته کين ڪميٽي ۾ ئي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ها. ڪميٽي ۾ بل جي هر شق تي تفصيلي بحث ٿيو، ميمبرن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون ۽ حڪومت انهن تجويزن کي تسليم ڪيو. هن چيو ته مڪاني ادارن جو مدو مڪمل ٿيڻ کان 120 ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکندي ته مڪاني ادارن جي مدت مڪمل ٿيڻ واري آهي، تنهن ڪري چونڊن جي تياري ڪئي وڃي. چونڊن جو شيڊول جاري ٿيندي ئي چونڊيل نمائندن جا اختيار معطل ٿي ويندا ۽ باقي اختيار اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسرن ڏانهن منتقل ٿي ويندا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مطالبو هو ته اهو مدو 90 ڏينهن رکيو وڃي، اسان چيو ته ان کي 120 ڏينهن ڪريون ٿا ته جيئن چونڊن جي تياري لاءِ مناسب وقت ملي سگهي. قانون واري وزير ضياالحسن لنجار چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مڪاني نظام جو تسلسل برقرار رهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني چونڊون اڳ ئي ڪرايون وڃن. هن چيو ته حڪومت ڊپٽي ميئر ۽ وائيس چيئرمين کي ڪنوينر قرار ڏنو آهي، اسان ته چيئرمين کي اختيار ڏئي رهيا آهيون ۽ پوليس به انهن جي اختيارن کي تسليم ڪندي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي بل تي اعتراض هو ته اها بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿي، پر اڄ انهن جو رويو غير جمهوري هو. اپوزيشن ليڊر کي مون اڳ ئي سمورن معاملن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هي ماڻهو ڊنل آهن ۽ اڃا به ڀڄي رهيا آهن. هن چيو ته مصالحتي ڪميٽين کي به اختيار ڏنا ويا آهن، ان ۾ ڪهڙي بد نيتي آهي؟ هن واضح ڪيو ته حڪومت جو مقصد مڪاني ادارن کي وڌيڪ مؤثر ۽ بااختيار بڻائڻ ۽ جمهوري تسلسل کي برقرار رکڻ آهي.









