ارومچي، سنڪيانگ- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڊجيٽل معيشت پيداوار، واپار، طرز حڪمراني ۽ انساني ترقي جو اهم محرڪ بڻجي چڪي آهي جڏهن ته ايس سي او خطي لاءِ تيز رفتار ترقي معياري روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ترقياتي خال گهٽ ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو آهي. اهڙو اظهار وفاقي وزير سومر ڏينهن ارومچي ۾ ايس …
وفاقي وزير احسن اقبال پاران ڊجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
ارومچي، سنڪيانگ- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڊجيٽل معيشت پيداوار، واپار، طرز حڪمراني ۽ انساني ترقي جو اهم محرڪ بڻجي چڪي آهي جڏهن ته ايس سي او خطي لاءِ تيز رفتار ترقي معياري روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ترقياتي خال گهٽ ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو آهي. اهڙو اظهار وفاقي وزير سومر ڏينهن ارومچي ۾ ايس سي او ڊجيٽل اڪانومي فورم 2026ع ۾ ڊجيٽل معيشت ۾ ايس سي او تعاون بابت وزارتي سطح جي بند ڪمري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. احسن اقبال چين جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل تبديلي کي پنهنجي قومي ترقياتي ايجنڊا جو مرڪزي حصو بڻايو آهي جڏهن ته اي – پاڪستان اڏام پاڪستان جي پنجن بنيادي ٿنڀن ۾ شامل آهي. هن ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ 2025ع پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي ۽ نيشنل اي آءِ پاليسي کي ڊجيٽل عوامي خدمتن، ڊيٽا تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ ذميواراڻي مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ چين سان تعاون کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، خاص ڪري انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انڊسٽري بابت سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ ۽ چين – ايس سي او پاڪستان مصنوعي ذهانت ايپليڪيشن ڪوآپريشن سينٽر ذريعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته ان پليٽ فارمز ذريعي مصنوعي ذهانت، ڪلاڊ ڪمپيوٽنگ، سائبر سيڪيورٽي، تحقيق ۽ مهارتن جي ترقي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي ٿو. وفاقي وزير ايس سي او ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي اينڊ ڪمپيوٽ ڪوريڊور جي قيام جي تجويز پيش ڪندي چيو ته ان ۾ سرحد پار فائبر لنڪس، مضبوط ۽ محفوظ نيٽ ورڪس، ڊيٽا سينٽرز، سيٽلائيٽ ڪنيڪٽوٽي ۽ گڏيل طور تي ڪلاڊ ۽ ڪمپيوٽنگ وسيلن کي شامل ڪيو وڃي. هن زور ڀريو ته ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر سان رڳو حڪومتون ئي نه پر يونيورسٽيون، اسٽارٽ اپس، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار، عورتن، نوجوانن ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ آبادي کي به فائدو پهچڻ گهرجي. احسن اقبال ڊجيٽل تعاون ۾ اعتماد کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرائيويسي، سائبر سيڪيورٽي، احتساب، شفاف ڊيٽا تائين رسائي ۽ قومي خودمختياري جي احترام کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، هن ايس سي او خودمختيار اي آءِ انفرا اسٽرڪچر اينڊ گورننس فريم ورڪ جي حمايت ڪندي چيو ته ان سان ميمبر ملڪن جي قومي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان Turning Vision into Action: connectivity, Innovation and Shared Prosperity, جي عنوان تحت ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي صدارت سنڀاليندي ڊجيٽل معيشت ۾ ايس سي او تعاون کي باقاعده ڳالهين، فني رابطاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ منصوبن ذريعي اداره جاتي شڪل ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ايس سي او تعاون جي ڪاميابي جو حتمي پئمانو ٺوس نتيجا هجڻ گهرجن جن ۾ تيز رفتار واپار، مضبوط صنعتون، بهتر عوامي خدمتون، هنرمندي افرادي قوت ۽ وسيع تر ڊجيٽل موقعا شامل آهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان رابطاڪاري، جدت ۽ گڏيل اعتماد کي گڏيل ڊجيٽل خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.









