وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جو بنيادي مقصد حقيقي مستحق ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جو بنيادي مقصد تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ حقيقي مستحق ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي، اسڪيم ۾ وڏين گاڏين کي شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگ چي ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جو بنيادي مقصد تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ حقيقي مستحق ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي، اسڪيم ۾ وڏين گاڏين کي شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگ چي ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جا مالڪ ان اسڪيم مان فائدو کڻندا، اسڪيم جي لاءِ پهريون ڀيرو شفاف ڊيجيٽل نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، رجسٽريشن ۽ فيول حاصل ڪرڻ جو عمل ايس ايم ايس جي ذريعي ٿيندو. سومر ڏينهن هتي وفاقي وزيرن شزه فاطمه خواجه ۽ علي پرويز ملڪ سان گڏ وزيراعظم فيول ريليف اسڪيم جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جو بنيادي مقصد تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ حقيقي مستحق ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. ان اسڪيم مان رڳو مستحق ماڻهو ئي فائدو کڻندا، وڏين گاڏين کي ان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين جون گاڏيون ان جي دائري ۾ آهن. هن چيو ته ان نوعيت جو نظام پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو ويو آهي. وفاقي وزير اسڪيم جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته رجسٽريشن جي لاءِ موبائيل فون تان آر اي جي لکي اسپيس کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گاڏي جو رجسٽريشن نمبر، لاڳاپيل صوبي جو ڪوڊ ۽ گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ لکي 9771 تي ايس ايم ايس موڪلڻو پوندو. رجسٽريشن کانپوءِ پيٽرول حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽي او ڪي لکي 9771 تي موڪلڻ سان فيول وٺڻ جي اجازت جو پيغام ملندو. هن چيو ته اسڪيم ۾ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن رڳو حقيقي مستحق ماڻهو ئي ان مان فائدو کڻن. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي اسڪيم جي موثر نگراني ۽ بنا رڪاوٽ سهولت جي فراهمي جي لاءِ 24 ڪلاڪ دستياب رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسڪيم جي نگراني جي لاءِ وار روم قائم جڏهن ته عوامي رهنمائي جي لاءِ ڪال سينٽر پڻ فعال ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اسڪيم بابت عوامي آگاهي جي لاءِ سمورا دستياب ميڊيا ذريعا استعمال ۾ آڻي رهي آهي جڏهن ته اهل ماڻهن کي ايس ايم ايس جي ذريعي پڻ آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي خصوصي ريليف اسڪيم جاري ڪئي جنهن جي هو ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز کي اسڪيم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم نائب وزيراعظم کي صوبن سان مشاورت جي ذميواري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پرائيس ڪنٽرول مڪينزم ۽ ڪميٽيون يقيني بڻائين ته اسڪيم جي جاري ٿيڻ کانپوءِ ڀاڙن ۾ اضافو نه ٿئي ۽ چنگچي ۽ رڪشا استعمال ڪندڙ مسافرن کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪفايت شعاري جا قدم جاري آهن، مارڪيٽس ۽ ريسٽورنٽس مقرر وقت تي بند ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته گذريل هنگامي صورتحال دوران کنيل ڪفايت شعاري ۽ سادگي جا ڪجهه قدم جاري آهن جڏهن ته ٻين جو جائزو ورتو پيو وڃي ته ڪهڙن قدمن کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان به جلد فيصلو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، بهتر ٿئي ها ته اها ماڊل گورننس جا مثال پيش ڪري ها ته صوبي ۾ غريب عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي، اعلى معيار جون اسپتالون، يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان پي ٽي آءِ جي ڌرڻن جي ڪال کوکلي آهي، ان جي پٺيان ڪو واضح مطالبو نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي حڪومت دوران ڪو هڪ ماڊل منصوبو ئي ٻڌائي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ايف بي آر سڌارن کي عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ساراهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي پڻ عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل  جو سڄي دنيا ۾ احترام ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ساڍا 12 سال ٿي چڪا آهن جڏهن ته صوبي ۾ ڪو اهڙو انقلابي قدم نظر نه ٿو اچي جنهن کي ماڊل گورننس جي طور تي پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته پنجاب ۾ دانش اسڪول ۽ پي ڪي ايل آءِ جهڙا منصوبا قائم ڪيا ويا، دانش اسڪولن جا شاگرد اڄ فورسز ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز پڻ بڻجي رهيا آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جنهن ميٽرو بس منصوبي کي جنگلا بس چيو، اها پاڻ انهن پشاور ۾ شروع ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي کوکلن نعرن جي ڪا حيثيت نه آهي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه ۾ ساڍا 12 سالن جي حڪومت جي دوران ڪا مثالي طرز حڪمراني قائم ڪئي وئي هجي ها ته اسان چئون ها ته انهن پنهنجي صوبي ۾ اعلى ماڊل گورننس قائم ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ بزدار کي مڙهيو، پوءِ محمود خان ۽ هاڻي سهيل خان آفريدي کي. هن چيو ته دانش اسڪول، پي ڪي ايل آءِ ۽ ٻين سڌارن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي گورننس ماڊل جي ڪا هڪ نمايان عالمي ڪيس اسٽڊي به سامهون ناهي آئي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم بجيٽ کان اڳ واعدو ڪيو هو ته پگهاردار طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن تحت بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي جي لاءِ ٽيڪس سليبز ۾ شرح گهٽ ڪئي وئي. هن چيو ته گهٽ پگهار وٺندڙ ملازمن تي ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته ٻين سليبز ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ ايڪسپورٽرز پڻ بجيٽ کي ساراهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي سطح تي ڪيا ويندڙ سڌارن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ گنجائش پيدا ٿي ۽ ان جو ريليف هيٺئين سطح تائين منتقل ڪيو ويو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته جنگي صورتحال جي ڪري جهازن جي چرپر متاثر ٿيڻ سان آر ايل اين جي جي سپلاءِ پڻ متاثر ٿي جنهن جي ڪري ٿيندڙ بجلي جي لوڊشيڊنگ کي وزيراعظم جي هدايت تي وڌ کان وڌ ٻن ڪلاڪن تائين محدود ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل عرصي دوران بجلي جي شعبي ۾ ٿيندڙ سڌارا تاريخي نوعيت جا آهن ۽ وڌيڪ لوڊشڊيڊنگ نه وڌڻ ڏني ويندي. هن چيو ته آءِ پي پيز جو معاملو حل ڪري گنجائش پيدا ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي به پاور سيڪٽر ۾ سڌارا جاري آهن. هن چيو ته وزيراعظم سولر جي معاملي تي ذاتي دلچسپي وٺندي ان بحث کي منطقي انجام تائين پهچايو جڏهن ته هاڻي ڌيان پاور سيڪٽر سڌارن تي آهي. هن چيو ته موجوده بحران جي خاتمي سان گڏ ئي بجلي جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.