سيپا پاران غيرقانوني ٽائر پائروليسس پلانٽن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري

ڪراچي- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) پاران غيرقانوني ٽائر پائروليسس پلانٽن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪياماڙي ضلعي ۾ ماحولياتي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 8 ٽائر پائروليسس پلانٽ بند ڪيا ويا آهن. سيپا اختيارين موجب پلانٽن خلاف ڪارروائي فضائي نيڪال، صنعتي گدلاڻ ۽ ماحولياتي حفاظتي معيارن جي ڀڃڪڙي تي ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري هدايت …

ڪراچي- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي هدايتن تي سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) پاران غيرقانوني ٽائر پائروليسس پلانٽن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪياماڙي ضلعي ۾ ماحولياتي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 8 ٽائر پائروليسس پلانٽ بند ڪيا ويا آهن. سيپا اختيارين موجب پلانٽن خلاف ڪارروائي فضائي نيڪال، صنعتي گدلاڻ ۽ ماحولياتي حفاظتي معيارن جي ڀڃڪڙي تي ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي آهي ته سڄي صوبي ۾ ٽائر پائروليسس پلانٽن جي انسپيڪشن جو عمل تيز ڪري غيرقانوني يونٽن خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائيون ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ٽائر پائروليسس پلانٽن جي قيام ۽ آپريشن تي لاڳو پابنديءَ تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ماحوليات واري سيڪريٽري فيصل احمد عقيلي چيو ته سنڌ ۾ غير مجاز ٽائر پائروليسس پلانٽن جي قيام ۽ آپريشن تي مڪمل پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته صنعتي نيڪال جي نگراني ۽ ماحولياتي حفاظتي معيارن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پائروليسس جي عمل دوران پراڻن ٽائرن کي محدود آڪسيجن ۽ وڌيڪ گرمي پد تي ٽوڙي آئل، بليڪ ڪاربان، اسٽيل ۽ گئس حاصل ڪئي ويندي آهي، پر مناسب حفاظتي انتظامن کانسواءِ اهو عمل خطرناڪ فضائي نيڪال جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سيڪريٽري ماحوليات موجب غير محفوظ پائروليسس پلانٽن مان سنها ذرڙا، غيرمستحڪم نامياتي مرڪب ۽ ٻيا زهريلا ڪيميائي جُزا فضا ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪي ساهه جي بيمارين، سَهڪي، ۽ ڦڦڙن جي ٻين مسئلن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن واضح ڪيو ته ماحولياتي قانونن ۽ مقرر ڪيل اخراجي معيارن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته زيرو ٽالرنس پاليسي تحت غيرقانوني ۽ غيرمعياري ٽائر پائروليسس يونٽن خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون پيون وڃن.