اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي، ته نئين عدالتي سال ۾ ڪيسن جي جلد ۽ موثر فيصلن سان بهتر ڪيس مينيجمينٽ، شفافيت، ڊجيٽل نظام ۽ عوام کي بهتر عدالتي خدمتن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. عدالتي سڌارن تحت 8 شعبن ۾ 86 قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي جن مان 65 مڪمل، 8 تي ڪم جاري جڏهن ته …
نئين عدالتي سال ۾ بهتر ڪيس مينيجمينٽ ۽ ڊجيٽل نظام تي ڌيان ڏينداسين: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي، ته نئين عدالتي سال ۾ ڪيسن جي جلد ۽ موثر فيصلن سان بهتر ڪيس مينيجمينٽ، شفافيت، ڊجيٽل نظام ۽ عوام کي بهتر عدالتي خدمتن جي فراهمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. عدالتي سڌارن تحت 8 شعبن ۾ 86 قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي جن مان 65 مڪمل، 8 تي ڪم جاري جڏهن ته 13 قدمن تي وڌيڪ ڌيان گهربل آهي. سومر ڏينهن نئين عدالتي سال جي شروعات جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته عدالتي سڌارن جو بنيادي مقصد بهتر انصاف جي فراهمي آهي، آزاد عدليه سان اداري جي پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو، خامين جي نشاندهي ۽ عوام کي بهتر خدمتن جي فراهمي به ضروري آهي. هن چيو ته گذريل سال عدالتي سڌارن جي پنجن بنيادي ٿنڀن جو تعين ڪيو ويو هو جن مان ٽيڪنالاجي ذريعي خدمتن جي بهتري، انصاف تائين پهچ ۽ شفافيت ۾ اضافو، قانوني ۽ ضابطا جاتي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ، قومي ۽ عالمي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ انصاف جي نظام سان واڳيل ادارن جي فعاليت شامل هئي. چيف جسٽس ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ڪاغذ تي دارومدار رکندڙ نظام مان آهستي آهستي ڊجيٽل نظام ڏانهن وڌي رهي آهي، سمورا التوا هيٺ ۽ نوان داخل ٿيندڙ ڪيس، جيل درخواستن کان علاوه، ڊجيٽل ڪيو پيا وڃن، ڪيسن جي درجه بندي ۽ بارڪوڊنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سمورا حڪم ۽ فيصلا سائلين ۽ وڪيلن کي اليڪٽرانڪ طريقي سان موڪليا پيا وڃن. جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته اندروني انتظامي لک پڙهه به اي آفيس نظام تي منتقل ٿي چڪي آهي. عدالت ۾ سمورين درخواستن جي اي فائيلنگ ۽ پيپر ليس عدالتن جي قيام لاءِ نظام تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊجيٽل ڊيٽا ۾ اضافي سبب محفوظ ذخيري ۽ سائبر سيڪيورٽي لاءِ بنيادي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ صرف ڊجيٽلائيزيشن ڪافي ناهي پر نظام کي مربوط ڪرڻو پوندو ته جيئن عدالتي نظام جي مختلف حصن وچ ۾ معلومات محفوظ ۽ موثر انداز ۾ منتقل ٿي سگهي، رازداري، ڊيٽا جي تحفظ ۽ عدالتي آزادي جي گهرجن کي به برقرار رکڻو پوندو. چيف جسٽس ٻڌايو ته قومي سطح تي هڪجهڙي اي فائيلنگ فريم ورڪ لاءِ سمورن صوبن ۽ اسلام آباد جي بار ڪائونسل سان رابطو ڪيو ويو آهي ۽ تجويز قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي سامهون به رکي وئي آهي، جنهن جو مقصد سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدليه ۾ اليڪٽرانڪ فائلنگ جو برابر نظام قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته عوامي سهولت مرڪز، ڊجيٽل رابطا ڪاري، شڪايتن ۽ راين جي منظم نظام ۽ سائلين، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين ۽ ميڊيا لاءِ بهتر سهولتن ذريعي عدالت تائين پهچ کي آسان بڻايو ويو آهي. لاهور رجسٽري ۾ به عوامي سهولت مرڪز نومبر جي وچ ڌاري قائم ڪيو ويندو. جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي ۽ اهم ڪيسن کي تيزي سان اڪلائڻ جي حوالي سان به نمايان نتيجا سامهون آيا آهن. موت جي سزا جي ڪيسن ۾ عدالت آڪٽوبر 2024ع ۾ 2015ع جا ڪيس ٻڌي رهي هئي، جڏهن ته 14 سيپٽمبر 2026ع تائين 2026ع ۾ داخل ڪيسن تائين پهچي چڪي آهي، ان عرصي ۾ 613 اپيلون اڪلايون ويون ۽ 2026ع جون صرف 31 اپيلون التوا هيٺ رهجي ويون آهن. هن ٻڌايو ته گرفتاري کان اڳ ضمانت جي ڪيسن ۾ عدالت 2016ع جي ڪيسن مان 2026ع جي ڪيسن تائين پهتي آهي، ان دوران 2972 درخواستون اڪلايون ويون ۽ 2026ع جون 115 درخواستون التويٰ هيٺ آهن. گرفتاري کان پوءِ ضمانت جي ڪيسن ۾ به 2009ع جي ڪيسن مان 2026ع تائين اڳڀرائي ٿي ۽ 2926 درخواستون اڪلايون ويون. چيف جسٽس چيو ته خانداني معاملن وارن ڪيسن ۾ به عدالت 2010ع جي ڪيسن مان 2026ع جي ڪيسن تائين پهچي چڪي آهي ۽ 1752 ڪيس اڪلايا ويا. ٽيڪس ڪيسن مان 691 ڪيسن جو فيصلو ٿيو جڏهن ته ڪرائيداري جي ڪيسن ۾ التويٰ هيٺ ڪيسن جو تعداد گهٽجي 133 رهجي ويو آهي. هن ٻڌايو ته سروس ڪيسن ۾ عدالت 2009ع جي ڪيسن مان 2019ع جي ڪيسن تائين پهچي چڪي آهي ۽ ان دوران 4302 ڪيس اڪلايا ويا، جڏهن ته 3660 ڪيس التويٰ هيٺ آهن. جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته ڪيسن جي وقت سر فيصلن لاءِ عدالتي آفيسز، بئنچز ۽ بارز ٽنهي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. آفيسون صحيح درجه بندي ۽ وقت سر ڪيس مقرر ڪرڻ کي يقيني بڻائين. بئنچ ٻڌڻي کي موثر بڻائي جڏهن ته وڪيل مڪمل تياري سان پيش ٿين ۽ غير ضروري التويٰ کان پاسو ڪن. هن ٻڌايو ته گرمين جي موڪلن ۾ اعليٰ عدليه جي ججز لاءِ هڪ مهيني جي موڪل رکي وئي آهي، جڏهن ته ان دوران به ڪيسن جي ٻڌڻي جاري رهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ 202 ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو ته ڪيسن جي فڪسنگ پاليسي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت 40 سيڪڙو پراڻا ڪيس شامل ڪيا ويندا آهن جڏهن ته واري کان هٽي ڪري ڪيس مقرر ڪرڻ ۾ صوابديدي ختم ڪري نگراني جو نظام واضح ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عدالت ۾ مختلف نوعيت جي ڪيسن لاءِ وڌيڪ منظم بئنچز جوڙڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ فوري نوعيت جي ڪيسن، وقت کان اڳ ٻڌڻي وارن ڪيسن، ڪارپوريٽ، واپاري ۽ مالياتي ڪيسن، ديواني ۽ وراثتي ڪيسن ۽ سروس ۽ ليبر ڪيسن لاءِ خصوصي ڌيان شامل آهي. چيف جسٽس چيو ته هر تڪرار جي پڄاڻي فيصلي تي هئڻ ضروري ناهي، ڪيترن ئي معاملن ۾ منصفاڻي ۽ وقت سر فيصلا سمورين ڌرين لاءِ بهتر نتيجو ثابت ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ گذريل سال ٽياڪڙي ۽ متبادل تڪراري حل جي نظام تي خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ عدالت سان واڳيل ٽياڪڙي جي طريقيڪار کي هٿي ڏني پئي وڃي. هن بار ۽ بينچ جي گڏيل سهڪار کي انصاف واري نظام لاءِ بنياد قرار ڏيندي چيو ته وڪيل عدالتي نظام جو ٻاهريون نه پر ان جو لازمي حصو آهن. ڪيسن جي موثر ٻڌڻي، مڪمل تياري، غير ضروري التويٰ کان پاسو ۽ عدالتي وقت جي موثر استعمال لاءِ بار جو سهڪار ضروري آهي. هن سپريم ڪورٽ جي عالمي عدالتي تعاون جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته چين جي سپريم پيپلز ڪورٽ ۽ ترڪيه جي آئيني عدالت سان مفاهمت جي يادداشتن سميت مختلف عدالتي ادارن سان تعاون جاري آهي جڏهن ته ڪوريا، آذربائيجان، ترڪيه، برطانيه، روس، سنگاپور، ملائيشيا ۽ آمريڪا جي عدالتي ادارن سان وڌيڪ تعاون تي به ڪم ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس ٻڌايو ته انهن قدمن تحت 4 فني آفيسرن کي ترڪيه ۽ 5 کي چين موڪليو ويو جڏهن ته ضلعي عدليه جي 12 عدالتي آفيسرن ترڪيه ۽ 31 چين جو دورو ڪري پيشيواراڻي تربيت ۽ تجربن مان فائدو کنيو. اٽارني جنرل پاڪستان سپريم ڪورٽ پاران التويٰ هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي ۽ عدالتي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي ۽ ڪيس مينجمينٽ، ڊجيٽلائيزيشن، اي فائلنگ، ويڊيو لنڪ ٻڌڻين، عوامي سهولتن، جيل سڌارن ۽ متبادل تڪرارن جي حل جي شعبن ۾ اڳڀرائي جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين پير محمد مسعود چشتي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر هارون الرشيد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. چيف جسٽس چيو ته نئون عدالتي سال صرف وڌيڪ ڪيسن اڪلائڻ جو ناهي پر بهتر ڪيس مينيجمينٽ، بهتر خدمتن، وڌيڪ اڳڀرائين ۽ پئماش جوڳن اداره جاتي بهتري جو سال هئڻ گهرجي. عدليه جي ڪاميابي صرف فيصلن جي تعداد سان نه پر عوام جي اعتماد، انصاف ۽ هر شهري کي عزت ۽ وقار سان ٻڌڻ جي خاطري سان به جاچڻ گهرجي.









