اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم جي خصوصي پيٽرول رليف اسڪيم کي اهل گاڏي مالڪن ۽ صارفين جي سهولت لاءِ نئين سر جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ روزگار لاءِ استعمال ٿيندڙ موٽرسائيڪلون ۽ رڪشائن جو استعمال ڪندڙ پورهيتن کي به شامل ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پيٽروليم …
وزيراعظم فيول رليف اسڪيم: پيٽرول تي 100 روپيا في ليٽر سبسڊي، بائيڪ ۽ رڪشا لاءِ ماهوار 20 ۽ 800 سي سي گاڏين لاءِ 30 ليٽر پيٽرول ڏنو ويندو، بائيڪ، رڪشا يا گاڏي جي ملڪيت وارو شرط ختم، استعمال ڪندڙ اهل هوندا: شزه فاطمه

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم جي خصوصي پيٽرول رليف اسڪيم کي اهل گاڏي مالڪن ۽ صارفين جي سهولت لاءِ نئين سر جوڙيو ويو آهي، جنهن ۾ روزگار لاءِ استعمال ٿيندڙ موٽرسائيڪلون ۽ رڪشائن جو استعمال ڪندڙ پورهيتن کي به شامل ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت پروگرام جي گذريل مرحلن جي تجربن جو جائزو وٺي عوام لاءِ رجسٽريشن جو طريقيڪار آسان بڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل مرحلي ۾ صرف مالڪن جي نالي تي موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ هجڻ جي شرط سبب رجسٽريشن جي شرح انتهائي گهٽ رهي هئي. شزه فاطمه جو چوڻ هو ته روزگار لاءِ ڀاڙي تي موٽرسائيڪلون ۽ رڪشا هلائيندڙن لاءِ هاڻي گاڏي جي ملڪيت لازمي شرط نه هوندو، جڏهن ته 800 سي سي گاڏي تي رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪيت هجڻ ضروري هوندو. هن وضاحت ڪئي ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون اوپن ٽرانسفر ليٽر تي هلي رهيون آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي گاڏيون خريد ڪري وارثن يا عملي جي حوالي ڪيون وينديون آهن، اهڙي طرح وڏي انگ ۾ پورهيت پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ ڪرائي جا رڪشا ۽ بائيڪس هلائيندا آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پروگرام جو تفصيلي جائزو وٺي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته عوام کي رليف حاصل ڪرڻ ۾ غير ضروري طور تي محروم نه رکيو وڃي، عوامي فنڊن جي غلط استعمال کي روڪڻ ۽ اصل حقدارن جي تحفظ لاءِ بنيادي تصديقي گهُرجون برقرار رکيون ويون آهن. موجوده طريقيڪار تحت درخواست ڏيندڙن کي 9771 تي چار بنيادي معلومات موڪلڻي پوندي جن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گاڏي جي نمبر پليٽ، رجسٽريشن جو صوبو ۽ رجسٽريشن جي تاريخ شامل آهي. شزه فاطمه ٻڌايو ته پهرين تصديق سان اهو معلوم ٿي ويندو ته جنهن سم تان ميسيج موڪليو ويو آهي اهو انهي شناختي ڪارڊ تي رجسٽرڊ آهي يا نه ته جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻي جي شناختي ڪارڊ تي ٽوڪن جاري نه ڪرائي سگهي. ٻي تصديق گاڏي جي نمبر پليٽ، صوبي ۽ تاريخ جي هوندي، جيتوڻيڪ هر صوبي جو ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ ۽ اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پنهنجي رجسٽريشن جي هڪ ڌار ڊيٽا رکن ٿا ان لاءِ هڪ ئي نمبر مختلف صوبن ۾ ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ صوبي جي درست نشاندهي ضروري آهي ته جيئن ڊيٽا لاڳاپيل کاتي کان فوري تصديق ٿي سگهي. ان اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن ۽ صارفين کي پيٽرول تي 100 روپيا في ليٽر رعايت فراهم ڪئي ويندي. موٽرسائيڪل ۽ چنگچي لاءِ ماهوار 20 ليٽر جڏهن ته 800 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ ماهوار 30 ليٽر رعايتي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي. رجسٽريشن لاءِ شهرين کي پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ سم تان بنا ڊيش جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، بنا اسپيس يا ڊيش جي گاڏي جو نمبر، صوبائي ڪوڊ ۽ رجسٽريشن جي تاريخ لکي REG سان 9771 تي ايس ايم ايس موڪلڻو پوندو. رجسٽريشن جي تصديق کانپوءِ جڏهن ته پيٽرول وٺڻو هجي ته شهري 9771 تي TOK لکي ٻارڻ جو ٽوڪن حاصل ڪري ڪندو، جنهن کي پيٽرول پمپ تي ڏيکاري تصديق کانپوءِ رعايتي ٻارڻ فراهم ڪيو ويندو. وفاقي وزير اعتراف ڪيو ته شروعاتي طور تي ڊيٽا داخل ڪرڻ ۾ شهرين کي ڪجهه ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي، پر بوڪس رجسٽريشن ۽ ٻين جي گاڏين تي رليف جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ اها جاچ پڙتال ضروري آهي. هن واضح ڪيو ته اسڪيم جو ڊجيٽل طريقيڪار ان انداز ۾ ڊزائين ڪيو ويو ويو آهي ته شهرين کي انٽرنيٽ يا سمارٽ فون جي ضرورت نه پوي، پر سادي ايس ايم ايس ذريعي عام فون رکندڙ ماڻهو به هڪجهڙو فائدو کڻي سگهن. ان کانسواءِ پمپس تي ڪنهن به فني يا ڪنيڪٽوٽي جي مسئلي کي فوري حل ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص هيلپ لائين ۽ پيٽروليم واري وزارت جي تعاون سان ڌار سينٽر به مڪمل فعال ڪيو ويو آهي.









