اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيول سبسڊي ريليف حاصل ڪرڻ جي لاءِ رجسٽريشن جي لاءِ گهربل ايس ايم ايس کي مفت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نار جي صورتحال …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران فيول سبسڊي ريليف حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن جي لاءِ گهربل ايس ايم ايس کي مفت ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيول سبسڊي ريليف حاصل ڪرڻ جي لاءِ رجسٽريشن جي لاءِ گهربل ايس ايم ايس کي مفت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نار جي صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ پي ايم اسپيشل ريليف اسڪيم جي اڳڀرائي تي اعلى سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم سبسڊي ريليف حاصل ڪرڻ جي لاءِ رجسٽريشن جي لاءِ گهربل ايس ايم ايس کي مفت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسلام آباد جي رهواسين جي لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات شروع ڪئي ويندي جڏهن ته سڄي ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر جي وچ واري رات کان پيٽرول تي ريليف حاصل ڪري سگهبو. وزيراعظم چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد سميت انتظاميا کي عوام جي رهنمائي جي لاءِ فيلڊ ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ عوامي نمائندن ۽ رضاڪارن کي عوام جي رهنمائي جي لاءِ متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته رضاڪار عوام کي فيول سبسڊي اسڪيم جي رجسٽريشن ۽ ٻيا ضروري مرحلا مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪن. وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم جي حوالي سان ڀرپور ميڊيا آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا سميت سمورن پليٽ فارمز تي آگاهي مهم کي تيز رفتاري سان هلايو وڃي، فيول سبسڊي اسڪيم جا ثمر وڌ کان وڌ مستحق شهرين تائين پهچائڻ جي لاءِ سمورا دستياب ذريعا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم چيو ته اسڪيم جي ڪاميابي جي لاءِ عوام کي وقت سر معلومات ۽ رهنمائي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ريجن ۾ اسڪيم جي شروعات کان اڄ ٽپهر تائين 6 لک کان وڌيڪ ايس ايم ايس ملي چڪا آهن، ملندڙ ايس ايم ايس مان 42 هزار 933 درخواستگذار پي ايم اسپيشل ريليف اسڪيم جي لاءِ ڪاميابي سان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته فيول سبسڊي اسڪيم جي لاءِ رجسٽريشن ۾ گهربل رڳو چار بنيادي معلومات آهن، فيول سبسڊي اسڪيم جا مڪمل تفصيل اردو ويب سائيٽ www.pmfuelrelief.pk تي دستياب آهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.










