اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي واري ڪائونسل ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي پنهنجي موقف جي توثيق ڪئي آهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، امن قائم ڪرڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جي حمايت پڻ ڪئي آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب …
ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي واري ڪائونسل پاران ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي پنهنجي موقف جي توثيق

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي واري ڪائونسل ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي پنهنجي موقف جي توثيق ڪئي آهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، امن قائم ڪرڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جي حمايت پڻ ڪئي آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي واري ڪائونسل جو 46هون اجلاس هتي منعقد ٿيو جنهن جي صدارت پاڪستان ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان سميت بيلاروس، ڀارت، ايران، قازقستان، چين، ڪرغزستان، روسي فيڊريشن، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپيل عملدارن جي وفدن، ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران علائقائي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي شعبي ۾ عالمي ايجنڊا بابت موجود معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر جي ڪائونسل ايران جي خلاف ٿيندڙ تازي فوجي حملن جي مذمت ڪئي ۽ ان معاملي تي ايس سي او پاران اڳ کان ظاهر ڪيل موقف جي توثيق ڪئي ۽ انهن حملن ۾ ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي جي شهادت تي ايراني حڪومت ۽ عوام جڏهن ته مارجي ويل ماڻهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي ڪائونسل ايران جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي پنهنجي موقف جي توثيق ڪئي. ڪائونسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، امن قائم ڪرڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جي حمايت پڻ ڪئي. ڪائونسل ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن جي وچ ۾ دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جي خلاف تعاون ۾ رابطن بابت ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر جي ڪائونسل جي اڳ کان منظور ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. ان کانسواءِ “برائي جي طاقتن” جي خاتمي بابت انتهائي اهم معاملن تي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ ماهرن جي گروپن جي ورڪ پلانز جي منظوري ڏني وئي. ڌرين جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ معلوماتي ڍانچي جي قيام ۽ ان کي بهتر بڻائڻ بابت فيصلا پڻ ڪيا ويا. اهو اتفاق ڪيو ويو ته 2027ع ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ هڪ گڏيل معلوماتي آپريشن، دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جي مقصدن جي لاءِ انٽرنيٽ جي استعمال جي روڪٿام جي حوالي سان هڪ عملي سيمينار ۽ ايس سي او ميمبر ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن جي گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي مشق منعقد ڪئي ويندي. ان مشق جو مقصد دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جي خلاف تعاون جي شعبي ۾ ايس سي او ميمبر ملڪن ۽ ايس سي او جي هڪ مبصر ملڪ جي وچ ۾ تعاون بابت تيرهين عالمي سائنسي ۽ عملي ڪانفرنس جمهوريه قازقستان ۾ منعقد ٿيندي. ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سرگرمين جي لاءِ انتظامي ۽ افرادي قوت بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي جي سرگرمين جي ترقي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي لاڳاپيل ادارن ۽ ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي جي ڍانچي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي عهديدارن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ ۾ ذاتي خدمتن جي اعتراف ۾ اعزازن سان نوازيو ويو.











