ايف بي آر پاران شهرين کي سال 2026ع لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو شهرين کي سال 2026ع لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين لازمي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايف بي آر مطابق شهري سال 2026ع لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ لاءِ ايف بي آر جي ويب سائيٽ يا ٽيڪس آسان ايپ استعمال ڪن. رهنمائي لاءِ ايف بي آر جي هيلپ لائن يا ويجهي آفيس …

اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) فيڊرل بورڊ آف روينيو شهرين کي سال 2026ع لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين لازمي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايف بي آر مطابق شهري سال 2026ع لاءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 30 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ لاءِ ايف بي آر جي ويب سائيٽ يا ٽيڪس آسان ايپ استعمال ڪن. رهنمائي لاءِ ايف بي آر جي هيلپ لائن يا ويجهي آفيس سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. ايف بي آر مطابق فائلر بڻجڻ سان ڪيترن ئي معاملن ۾ فائدو کڻي سگهجي ٿو. فائلر لاءِ بئنڪ کان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي ڪو ٽيڪس لاڳو نه آهي، جڏهن ته گاڏي جي خريداري تي نان فائلر جي ڀيٽ ۾ هڪ ڀاڱي ٽي ٽيڪس ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح ملڪيت جي خريد ۽ وڪري تي نان فائلر جي مقابلي ۾ ڀاڱي ٽي گهٽ ٽيڪس ڏيڻو پوندو آهي. فائلرز لاءِ قومي بچت جي اسڪيمن ۽ بئنڪ منافعي تي نان فائلر جي مقابلي ۾ اڌ ٽيڪس، جڏهن ته وڌيڪ ادا ڪرڻ يا منع ٿيل ٽيڪس جي ايڊجسٽمنٽ ۽ ريفنڊ جو قانوني حق به حاصل هوندو آهي.

مزید خبریں