اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قيدين کي پي ٽي آءِ باني جي طرز تي طبي سهولتن جي فراهمي بابت درخواست تي اٽارني جنرل کي عدالتي سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪندي 3 قيدين جي اپيلن تي ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 …
سمورن قيدين سان برابري وارو سلوڪ ٿيڻ گهرجي: وفاقي آئيني عدالت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قيدين کي پي ٽي آءِ باني جي طرز تي طبي سهولتن جي فراهمي بابت درخواست تي اٽارني جنرل کي عدالتي سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪندي 3 قيدين جي اپيلن تي ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سومر ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته جيل رول نمبر 197 تحت قيدي جي علاج جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي. رول 197 ۾ ڪو به اهڙو مونجهارو ناهي. عدالت جو حڪم قانون مطابق هجڻ گهرجي.جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته نجي اسپتال ئي ڇو؟ سرڪاري اسپتال ڇو نه؟ قيدين جو علاج پولي ڪلينڪ يا پمز اسپتال ۾ ڇو نٿو ٿي سگهي؟ هن چيو ته نجي اسپتال ۾ علاج جيل مينوئل خلاف آهي. جسٽس علي باقر نجفي رمارڪس ڏنا ته سمورين قيدين سان برابري جو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، جيل مينوئل بلڪل واضح آهي، هن پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن جيل مينوئل تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ان جو ڪهڙو فائدو؟ ٻڌڻي دوران وڪيل باني پي ٽي آءِ بابت سپريم ڪورٽ جي ڪيس جو حوالو ڏنو. چيف جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هئي ته توهان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪيو ها، توهان ان مقصد ۾ ڌر ڇو نه ٿيا؟ وڪيل ٻڌايو ته اهو ڪيس آئيني درخواست ذريعي داخل ڪيو ويو هو. آئيني درخواست جي اپيل وفاقي آئيني عدالت ۾ ٿي سگهي ٿي. وفاقي آئيني عدالت درخواستن کي شروعاتي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











