اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڀرپور ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ضلع مستونگ ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪمانڊر نقيب سميت 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي گاڏي کي ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ۽ 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته سندن گاڏي به …
سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڀرپور ڪارروايون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڀرپور ڪارروايون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ضلع مستونگ ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪمانڊر نقيب سميت 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز ڪارروائي دوران فتنه الهندستان جي گاڏي کي ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ۽ 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته سندن گاڏي به مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.











