حيدرآباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڳوٺ مير حسن مري ۾ پهرين مرحلي ۾ علائقي جي 100 کان وڌيڪ مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو. ان سلسلي ۾ يو سي چيئرمين رئيس عقيل احمد مري جي ميزباني ۾ ڳوٺ مير حسن مري ۾ منعقد تقريب ۾ وائس چيئرمين مختيار علي جمالي، ضلعي ڪائونسل ميمبر رئيس شڪيل احمد مري، ڪائونسلرز عبدالڪريم مري ۽ …
پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڳوٺ مير حسن مري ۾ 100 مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم ورهايا ويا

مزید خبریں
حيدرآباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڳوٺ مير حسن مري ۾ پهرين مرحلي ۾ علائقي جي 100 کان وڌيڪ مستحق خاندانن ۾ سولر سسٽم ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو. ان سلسلي ۾ يو سي چيئرمين رئيس عقيل احمد مري جي ميزباني ۾ ڳوٺ مير حسن مري ۾ منعقد تقريب ۾ وائس چيئرمين مختيار علي جمالي، ضلعي ڪائونسل ميمبر رئيس شڪيل احمد مري، ڪائونسلرز عبدالڪريم مري ۽ عمران بروهي، رئيس علي مردان جمالي، رئيس سڪندر علي مري، رئيس اڪبر علي مري، سڪندر علي راڄڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يو سي چيئرمين رئيس عقيل احمد مري، رئيس شڪيل احمد مري ۽ ٻين چيو ته علائقي جي مستحق خاندانن کي بجلي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ 700 سولر سسٽم مرحلي وار ورهايا پيا وڃن. پهرين مرحلي ۾ 100 کان وڌيڪ خاندانن کي سولر سسٽم فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي مستحق خاندانن ۾ به جلد سولر سسسٽم ورهايا ويندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور عوام خاص طور تي غريب ۽ مستحق خاندانن جي خدمت ۽ سندن بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ آهي. سولر سسٽم جي فراهمي جو مقصد مستحق خاندانن کي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ سهولت فراهم ڪندي سندن گهرن کي روشن ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي سولر سسٽم حاصل ڪندڙ مستحق خاندانن يو سي قيادت ۽ پاڪستان پيپيلز پارٽي جو شڪريو ادا ڪيو.










