جيڪب آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس هڪ ڪروڙ 46 لک روپين جي ڦر واري ڪيس ۾ اهم ڪارروائي ڪندي پٽ عرف رحمت الله ولد حمزو قمبراڻي، جکراڻي کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان ڦر جي رقم مان 50 لک روپيا روڪ ۽ بنا لائيسنس ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد جي هدايتن تي جوڙيل ٽيمن …
جيڪب آباد ۾ هڪ ڪروڙ 46 لک رپين جي ڦر جو ڪيس، اهم جوابدار گرفتار، 50 لک هٿ

مزید خبریں
جيڪب آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس هڪ ڪروڙ 46 لک روپين جي ڦر واري ڪيس ۾ اهم ڪارروائي ڪندي پٽ عرف رحمت الله ولد حمزو قمبراڻي، جکراڻي کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان ڦر جي رقم مان 50 لک روپيا روڪ ۽ بنا لائيسنس ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد جي هدايتن تي جوڙيل ٽيمن ڪارروائي ڪئي. پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد نادر شاهه سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون جاري آهن. ايس ايس پي ڪامياب ڪارروائي تي شاهين فورس، سي آءِ اي ۽ آءِ ٽي ٽيم کي شابش ڏيندي آفيسرن ۽ اهلڪارن لاءِ 5 لک روپين جو روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا.










