نيو يارڪ - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ايلينا ريباڪينا ۽ آمريڪي فورٿ سيڊڊ ٽينس اسٽار ڪوڪوگف پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن وومينز سنگلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته چين جي ڪواليفائر رانديگرياڻي زينگ ڪن وين ۽ روس جي ميرا آندريوا ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب …
ايلينا ريباڪينا ۽ ڪوڪوگف يو ايس اوپن وومينز سنگلز سيمي فائنل ۾ داخل
نيو يارڪ – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ايلينا ريباڪينا ۽ آمريڪي فورٿ سيڊڊ ٽينس اسٽار ڪوڪوگف پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن وومينز سنگلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته چين جي ڪواليفائر رانديگرياڻي زينگ ڪن وين ۽ روس جي ميرا آندريوا ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ شڪست بعد ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن جن ۾ ٽينس جي مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. آرٿر ايش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل وومين سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 27 سالن جي قازقستان جي ايلينا ريباڪينا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ چين جي ڪواليفائر زينگ ڪن وين کي 3-6، 6-1 ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ان ڪاميابي کان پوءِ پهريو ڀيرو عورتن جي سنگلز مقابلن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو اهو سنگ ميل پار ڪندڙ قازقستان جي پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. هڪ ٻئي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ آمريڪا جي 22 سالن جي مشهور ٽينس اسٽار، ڪوڪوگف پڻ ٽاپ 8 رڪاوٽ کي پار ڪري ورتو. هن عورتن جي سنگلز جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ روس جي ميراآندريوا کي سخت مقابلي کان پوءِ 2-6، 7-6 (9-7) ۽ 6-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. اها ڪوڪو گف جي گرينڊ سلام ۾ لڳاتار ٻيون ڀيرو سيمي فائنل تائين پهچ آهي، جڏهن ته يو ايس اوپن ۾ 2023ع جو ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ نيويارڪ ۾ اهو سندس پهريون سيمي فائنل هوندو.












