بارسلونا پاران يوئيفا چيمپئنز ليگ ۾ شاندار شروعات، فينورڊ کي 5-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ميڊرڊ - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) بارسلونا يوئيفا چيمپئنز ليگ جي مهم جي ڪامياب شروعات ڪندي فينورڊ کي 5-1 گول تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوئيفا چيمپئنز ليگ جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. ڪيمپ 9 ۾ کيڏيل ميچ ۾ بارسلونا شروعات کان ئي راند تي مڪمل گرفت برقرار رکي. بارسلونا پاران رافينيا ٻئي منٽ …

ميڊرڊ – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) بارسلونا يوئيفا چيمپئنز ليگ جي مهم جي ڪامياب شروعات ڪندي فينورڊ کي 5-1 گول تان هارائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوئيفا چيمپئنز ليگ جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. ڪيمپ 9 ۾ کيڏيل ميچ ۾ بارسلونا شروعات کان ئي راند تي مڪمل گرفت برقرار رکي. بارسلونا پاران رافينيا ٻئي منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري جڏهن ته نئين رانديگر ڪريم اديمي 22 هين منٽ ۾ خوبصورت گول ذريعي سرسي 2-0 ڪري ڇڏي. ٻئي هاف ۾ رافينيا 57 هين منٽ ۾ پنهنجو ٻيون گول ڪري بارسلونا جي سرسي 3-0 ڪري ڇڏي. فينورڊ جي ناچوفري 55 هين منٽ ۾ بال جار ۾ پهچايو پر آف سائيڊ سبب گول رد ڪيو ويو. ناچوفري جو هڪ ٻيو گول به آف سائيڊ جي بنياد تي رد ڪيو ويو هو. بارسلونا پاران لامين يمل شاندار فري ڪڪ تي چوٿون گول اسڪور ڪيو. فينورڊ جي سيم اسٽائن 82 هين منٽ ۾ گول ڪري خسارو گهٽايو، پر بارسلونا جي گيبريئل ميچ ختم ٿيڻ کان پنج منٽ اڳ پنهنجو پهريون گول ڪري اسڪور 5-1 ڪري چڏيو. ايئن ان ڪاميابي سان ئي بارسلونا جي تيم يوئيفا چيمپئنز ليگ جي فاتحاڻي شروعات ڪري ڇڏي.