صوبائي وزير محمد بخش خان مهر جي خاص هدايتن تي پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ چيمپئين شپ جا مقابلا منعقد

لاڙڪاڻو - 09 سيپٽمبر  (اي پي پي ) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير محمد بخش خان مهر جي خاص هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس کاتي لاڙڪاڻي پاران پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي حوالي سان محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ چيمپئين شپ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن جو خاص مهمان ڊسٽرڪٽ اٽارني (ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو) عبدالنبي ساريو سان گڏ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس …

لاڙڪاڻو – 09 سيپٽمبر  (اي پي پي ) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير محمد بخش خان مهر جي خاص هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس کاتي لاڙڪاڻي پاران پاڪستان جي دفاع واري ڏهاڙي جي حوالي سان محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ چيمپئين شپ جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن جو خاص مهمان ڊسٽرڪٽ اٽارني (ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو) عبدالنبي ساريو سان گڏ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو، سينيئر اسپورٽس مين اختيار علي جمالي ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ان موقعي تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مختلف ٽيمن وچ ۾ باڪسنگ راند جا مقابلا منعقد ٿيا، جنهن ۾ سلوا بلو ڪارنر ۽ سلوا ريڊ ڪارنر باڪسنگ ڪلب پڻ حصو ورتو جنهن جي نتيجي ۾ سلوا بلو ڪارنر باڪسنگ ڪلب جي غلام فضا بهترين راند پيش ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته بيبي افروز سلوا ريڊ ڪارنر باڪسنگ ڪلب رنر اپ رهي ۽ اهڙيءَ طرح ڇوڪرن وچ ۾ پڻ باڪسنگ راند جو مقابلو منعقد ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ آفتاب علي ۽ سندس ٽيم ريڊ ڪارنر باڪسنگ ڪلب ۽ سجاد علي، محمد زڪي ۽ ٻين بلو ڪارنر باڪسنگ ٽيم جي نالن سان مقابلي ۾ پڻ حصو ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ بلو ڪارنر باڪسنگ ڪلب پهرين پوزيشن حاصل ڪري مقابلو کٽيو ۽ جڏهن ته ريڊ ڪارنر باڪسنگ ڪلب رنر اپ رهي. مقابلي کانپوءِ کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا ۽ ان کان علاوه مقابلي ۾ حصو وٺندڙ ٻين رانديگرن ۽ رانديگرياڻين کي پڻ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي مهمان خاص عبدالنبي ساريو ڊسٽرڪٽ اٽارني لاڙڪاڻو، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو محمد محفوظ مڪاني ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت راندين جي واڌاري لاءِ بهتر کان بهتر ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوانن ۾ راندين ذريعي صحتمند سرگرميون مهيا ٿي سگھن، انهن اهو پڻ چيو ته چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري ۽ ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر راندين ۾ وڏي دلچسپي رکن ٿا ۽ سندن ڪوششن سان ايندڙ سال لاڙڪاڻي ۾ باڪسنگ ۽ ٻين راندين جا مقابلا پڻ منعقد ڪيا ويندا. ان کان اڳ پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. معزز مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا ۽ ٽيمن سان تعارف ڪرايو ويو. ان موقعي تي حاضرين طرفان پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا. پروگرام جي آخر ۾ مختلف شخصيتن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون، شيلڊون وصول ڪندڙن ۾ انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو محمد اسلم کوکر، عبدالعلي لاڙڪ سينيئر ڦوٽوگرافر، اختيار علي جمالي سينيئر اسپورٽس مين، خليل احمد بگٽي ۽ ٻيا شامل هئا.