پاڪستاني هاڪي ٽيم مينز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

لاهور-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم مينز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع جي پول بي جي اهم ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملائيشيا کي 2 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ شڪست کان مٿانهين رهندي ٽئين ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، جڏهن ته علي حمزه کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، ميچ …

لاهور-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم مينز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع جي پول بي جي اهم ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملائيشيا کي 2 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. پاڪستاني ٽيم ايونٽ ۾ شڪست کان مٿانهين رهندي ٽئين ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، جڏهن ته علي حمزه کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، ميچ جي شروعات سنسي خيز انداز ۾ ٿي ۽ 9 منٽن ۾ ملائيشيا جي محمد صالحي گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري. پاڪستان ٻي هاف ۾ شاندار واپسي ڪندي راند جو پاسو بدلائي ڇڏيو ۽ ملائيشيا جي دفاع تي مسلسل دٻاءُ برقرار رکيو. پاڪستان طرفان 32 هين منٽ ۾ نديم خان گول ڪري مقابلو 1-1 تان برابر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 36 هين منٽ ۾ عبدالله سميع رانا گول ڪري پاڪستان کي 2-1 جي برتري ڏياري، ان کانپوءِ وليد رانا شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 39 هين ۽ 40 هين منٽ ۾ مسلسل ٻه گول اسڪور ڪيا ۽ پاڪستان جي برتري 4-1 ڪري ڇڏي. 41 هين منٽ ۾ علي حمزه پاڪستان طرفان پنجون گول ڪري اسڪول 5-1 ڪري ڇڏيو، ملائيشيا طرفان 54 هين منٽ ۾ گنا سيلن ڌيرش ٻيو گول ڪيو ۽ پاڪستان ميچ جي پڄاڻي تائين پنهنجي برتري برقرار رکندي 5-2 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. پي ايڇ ايف جي صدر شاندار فتح تي جونيئر ٽيم ۽ مينيجمينٽ کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته قومي جونيئر ٽيم آئنده ميچز ۾ به پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي انهي جذبي ۽ تسلسل سان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.