ارجنٽائن جي اسٽرائيڪر لوپيز ،پالميراس سان 2030 تائين نئين معاهدي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيو

سائوپالو- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ اسٽرائيڪر خو سان مانوئل لوپيز برازيلن جي ڪلب پالميراس سان پنهنجي معاهدي ۾ توسيع ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي پاران ڪلب ڇڏڻ وارين خبرن جو خاتمو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 25 سالن جي ارجنٽائني فارورڊ جو پهريون معاهدو2029 تائين هو جڏهن ته هن هاڻي ڊسمبر 2030 تائين لاءِ هڪ نئين معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پالميراس پاران جاري هڪ بيان ۾ خوسي مانوئل لوپيز چيو ته هو ڪلب ۾ گذاريل شاندار وقت لاءِ شڪرگذار آهي ۽ اميد ڪري ٿو …

سائوپالو- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ اسٽرائيڪر خو سان مانوئل لوپيز برازيلن جي ڪلب پالميراس سان پنهنجي معاهدي ۾ توسيع ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي پاران ڪلب ڇڏڻ وارين خبرن جو خاتمو ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 25 سالن جي ارجنٽائني فارورڊ جو پهريون معاهدو2029 تائين هو جڏهن ته هن هاڻي ڊسمبر 2030 تائين لاءِ هڪ نئين معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پالميراس پاران جاري هڪ بيان ۾ خوسي مانوئل لوپيز چيو ته هو ڪلب ۾ گذاريل شاندار وقت لاءِ شڪرگذار آهي ۽ اميد ڪري ٿو ته مستقبل ۾ پڻ بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکندو. خوسي مانوئل لوپيز 2022 ۾ لانوس کان پالميراس ۾ شامل ٿيو ۽ هو هن وقت تائين ڪلب لاءِ 224 ميچن ۾ 78 گول ڪري چڪو آهي. ارجنٽائن جي قومي ٽيم لاءِ 7 ميچون کيڏيل اسٽرائڪر آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا ۾ کيڏيل 2026 فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ پڻ اسڪواڊ جو حصو هو.