پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان ميان محمد سعيد جي 116هين سالگره جي موقعي تي پي سي بي پاران خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان ميان محمد سعيد جي 116 هين سالگره جي موقعي تي پي سي بي پاران کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ميان محمد سعيد پاڪستان جي قيام کانپوءِ 1948ع کان 1951ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻيءَ جا فرض انجام ڏنا ۽ ملڪ جي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ يادگار مقام حاصل ڪيو. پي سي بي ترجمان …

لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان ميان محمد سعيد جي 116 هين سالگره جي موقعي تي پي سي بي پاران کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ميان محمد سعيد پاڪستان جي قيام کانپوءِ 1948ع کان 1951ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻيءَ جا فرض انجام ڏنا ۽ ملڪ جي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ يادگار مقام حاصل ڪيو. پي سي بي ترجمان موجب ميان محمد سعيد نه صرف پاڪستان جو پهريون ڪپتان هو پر سندس خاندان به پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نمايان خدمتن جي حوالي سان خصوصي اهميت رکي ٿو. هو پاڪستان جو پهريون عالمي معيار جو عظيم ڪرڪيٽر ۽ مشهور فاسٽ بالر فضل محمود جو سُهرو هو، جڏهن ته سندس پُٽ ياور سعيد به پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ ڊگهي عرصي تائين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون ڊگهي عرصي تائين خدمتون سر انجام ڏيندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. ميان محمد سعيد جو شمار انهن شخصيتن ۾ ٿيندو آهي جن پاڪستان جي شروعاتي ڪرڪيٽ جي دور ۾ قومي ٽيم جي اڳواڻي ڪندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ان راند جو بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس خدمتون ۽ ڪرڪيٽ سان وابستگي اڄ به پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو احترام جوڳو حصو آهي.