پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ پهچي وئي

لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم لاهور کان دبئي رستي انگلينڊ پهچي وئي آهي، جتي هو ميزبان انگلينڊ انڊر 19 ٽيم خلاف هڪ يوٿ ٽيسٽ ۽ 4 يوٿ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ يوٿ ٽيسٽ ميچ 2 کان 5 سيٽمبر تائين ارونڊل ڪاسل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته چار ميچن تي ٻڌل يوٿ ون ڊي سيريز 9 …

لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم لاهور کان دبئي رستي انگلينڊ پهچي وئي آهي، جتي هو ميزبان انگلينڊ انڊر 19 ٽيم خلاف هڪ يوٿ ٽيسٽ ۽ 4 يوٿ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ يوٿ ٽيسٽ ميچ 2 کان 5 سيٽمبر تائين ارونڊل ڪاسل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته چار ميچن تي ٻڌل يوٿ ون ڊي سيريز 9 کان 16 سيٽمبر تائين جاري رهندي. پي سي بي ترجمان مطابق انگلينڊ پهچڻ کانپوءِ پاڪستان انڊر 19 ٽيم اڄ اڱاري ڏينهن تي هيڊ ڪوچ شاهد انور جي نگراني ۾ ٽريننگ سيشن ۾ حصو وٺندي، جتي رانديگر سيريز جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيندا.