لنڊن-28 آگسٽ (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اي پي ايل جو 35 هون ايڊيشن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ليور پول ۽ ناٽنگهم فارسٽ جي ٽيمن وچ ۾ اينفيلڊ، ليور پول، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ …
انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ اڄ وڌيڪ 4 ميچون کيڏيون وينديون
لنڊن-28 آگسٽ (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ 4 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اي پي ايل جو 35 هون ايڊيشن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ فٽ بال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ليور پول ۽ ناٽنگهم فارسٽ جي ٽيمن وچ ۾ اينفيلڊ، ليور پول، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ بورن مائوٿ ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ وائٽليٽي اسٽيڊيم، بورن ماٿ ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ ڪووينٽري سٽي ۽ هل سٽي جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون ۽ هي ميچ ڪونٽري بلڊنگ سوسائٽي ايرينا، ڪونٽري، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 29 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن چوٿين ۽ آخري ميچ ۾ ٽوٽنهم هاٽ پور ۽ نيوڪيسل يونائيٽيڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ هي ميچ ٽوٽنهم هاٽ سپر اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جو 35 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جيڪو مجموعي طور تي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 128 هون ايڊيشن آهي. ليور پول جي ٽيم اي پي ايل ۾ پنهنجي اعزاز جي دفاع لاءِ ڪوشان آهي. انگلش پريميئر ليگ جي هلندڙ سيزن ۾ شامل 20 ڪلبن جي ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئن آرسنل، ايسٽن ولا، بورن مائوٿ، برينٽ فورڊ، برائٽن اينڊ هوو ايلبيئن، چيلسي، ڪووينٽري سٽي، ڪرسٽل پيلس، ايورٽن، فلهم، هل سٽي، اپسوچ ٽان، ليدز يونائيٽيد، ليور پول، مانچسٽرسٽي، مانچسٽر يونائيٽيڊ، نيو ڪيسل يونائيٽيڊ، ناٽنگهم فارسٽ، ٽوٽنهام هاٽ پور ۽ سنڊر لينڊ شامل آهن.












